ايم ڪيو ايم پراڻيون اٽڪلون پئي آزمائي، مڪاني ادارن ۾ گهوسٽ ڀرتي ڪيا ويا: پيپلز پارٽي

ڪراچي  (اين اين آءِ) پ پ جي مرڪزي اڳواڻ سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم وارن کي جيڪي به خالي پلاٽ نظر آيا اتي قبضو ڪري ويهي رهيا ايتري قدر جو پارڪ، گرائونڊ ۽ نالن کي نه بخشيو ۽ ان جي عادت آهي ته اها ايترو گوڙ ڪري ٿي جو ماڻهو ان کي سچ سمجهڻ شروع ڪن ٿا، ايم ڪيو ايم خلاف ڪا به تحريڪ عدم اعتماد نه آڻي رهيا آهيون، ٻيهر هيرو نٿا بڻجڻ چاهيون، جنهن جڳهه تي آهن اتي ئي ويٺا رهن، ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻن سان پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مطالبو هو ته اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ڪيا وڃن، اسان اختيار به ڏنا ۽ انهن جي مدد لاءِ سالٽ ويسٽ مئنجيمينٽ بورڊ به جوڙيو پر معاملو اهو آهي ته جيڪي اختيار ايم ڪيو ايم وٽ آهن اهي ان ۾ ڪم ڪري رهيا آهن يا نه، هن چيو ته ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي ايتري خبر ناهي ته شهر جي صفائي ڪي ايم سي جو ڪم ناهي پر اها ذميواري ڊي ايم سيز جي آهي، پهريان اسڪول ۽ اسپتال وٽ به ڪي ايم سي وٽ هئي، اسان اها به ڊي ايم سي کي منتقل ڪري ڇڏي آهي، سنڌ حڪومت ڪي ايم سي کي هر مهيني 50 ڪروڙ رپين جي گرانٽ ڏئي ٿي، روڊ رستا ٺاهڻ مڪاني اڳواڻن جو ڪم هو پر اهو به سنڌ حڪومت ٺهرائي رهي آهي، اسان مڃون ٿا ته اسان جو ڪجهه ڏوهه هوندو پر پنهنجي ذميواري سنڌ حڪومت تي وجهڻ نااهلي جو وڏو مثال آهي، وسيم اختر جون جيڪي ذميواريون آهن اهي سرانجام ڏئي پوءِ ڪنهن ذميواري جي ڳالهه ڪري، هن چيو ته ايم ڪيو ايم خلاف ڪا به عدم اعتماد تحريڪ نه آڻي رهيا آهيون.  مختلف سياسي پارٽِين سان تعلق رکندڙ مقامي اڳواڻن پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو آهي، سينيٽر سعيد غني چيو آهي ته سنڌ حڪومت تي متحده ڪارڪنن جون جبري وفاداريون تبديل ڪرائڻ جو الزام قيامت جي نشاني آهي، ڪراچي جي ميئر جي صفائي مهم تي تنقيد ڪندي هن چيو ته ميئر جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد آڻي ان کي هيرو نٿا بڻائڻ چاهيون، سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ حڪومت تي متحده ڪارڪنن جون زبردستي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جو الزام قيامت جي نشاني ۽ ڌانڌلي جي الزامن ۽ مذاق جي برابر آهي، هن چيو ته ڪراچي ميئر کي مشورو ڏيان ٿو ته اهو پنهنجي مصروفيتن کان ٿورو وقت ڪڍي مڪاني ايڪٽ جو مطالعو ڪري ته ان کي اختيارن جي خبر پئجي ويندي، ان موقعي تي پي ٽي آءِ ، ايم ڪيو ايم ، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ آل پاڪستان مسلم ليگ جي ثمينا سلام، فاطمه عباس، نديم، شاهد خان، حامد جعفري ۽ ٻين پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو، پ پ جي اڳواڻن پارٽي ۾ شامل ٿيندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته 2018 جي چونڊن ۾ پ پ ڪراچي ۾ سڀ کان وڏي پارٽي بڻجي  سامهون ايندي، سعيد غني چيو ته پ پ ايندڙ چونڊن ۾ شهر جي انهن علائقن مان ڪامياب ٿيندي جتي هڪ پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي رهي آهي، هن چيو ته رڙيون ڪندڙ ايم ڪيو ايم جو هڪ پراڻي عادت آهي يعني ايتريون رڙيون ڪيون وڃن ته جيئن ماڻهو ڪوڙ کي سچ سمجهڻ تي مجبور ٿي وڃن، ڪراچي جا سمورن ڊي ايم سيز کي فنڊ جاري ڪيا ويا آهن پر ايم ڪيو ايم 60 هزار گوسڙو ملازم ڀرتي ڪيا جيڪي ڪم نٿا ڪن، واٽر بورڊ ۾ نگران حڪومت جي دور ۾ 5 هزار ملازم ڀرتي ڪيا ويا، اهي سمورا گوسڙو ملازم سرڪاري نوڪري نٿا ڪن، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي قائد جي جلسي ۾ جيڪي هزارين ماڻهو شريڪ ٿيندا هئا اهي گوسڙو مڪاني ملازم هئا جنهن سبب ڪي ايم سي کي تباهه ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *