ايم ڪيو ايم پاران 4 ڪارڪنن جي عدالت کان مٿانهين قتل خلاف سوڳ ملهايو ويو، اڄ به سوڳ ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي 4 ڪارڪنن جي مبينا عدالت کان مٿانهين قتل خلاف پوري سنڌ ۾ يوم سوڳ ملهايو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڄ به صوبي ۾ شٽربند هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو، گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ 4 ڪارڪنن جي مبينا عدالت کان مٿانهين قتصل خلاف ايم ڪيو ايم 9 ڪلاڪن کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس سامهون پنهنجو ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪارڪنن جون ميتون تدفين ۽ جنازي نماز لاءِ جناح گرائونڊ عزيز آباد آنديون ويون، ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي حيدر عباس رضوي چيو ته پورو ملڪ ان ڳالهه جو شاهد آهي ته اسان ڪابه اهڙي حرڪت نه ڪئي جيڪا مذمت جوڳي هجي، ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن پوري رات پنهنجن ساٿين جون ميتون کڻي وزيراعليٰ هائوس سامهون موجود رهيا، اسان جو هڪ ئي مطالبو هو ته وزيراعليٰ سنڌ مارجي ويل ڪارڪنن جي وارثن جي فرياد ٻڌي ۽ اسان جي ڪارڪنن جو آخري ديدار ڪري، اسان کي افسوس سان چوڻ پئي ٿو ته پوري رات ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن انتظار ڪندا رهيا پر وڏو وزير يا ان جي ڪابينا جي وزير  به ائين ڪرڻ گوارا نه سمجهيو هاڻ اسان پرامن طور تي پنهنجن ڪارڪنن جون ميتون ۽ انهن جي وارثن جي اميدن کي دفنائينداسين، ايم ڪيو ايم اڄ به پوري ملڪ ۾ پنهنجن ڪارڪنن جي قتل خلاف يوم سوڳ ملهائيندي جڏهن ته ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ شٽر ڊائون ڪيو ويندو اسان ڪاروباري تنظيمن، ٽرانسپورٽرن ۽ شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن کي اپيل ٿا ڪيون ته اڄ به پنهنجو ڪاروبار بند رکن، ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي اپيل تي ڪراچي ۾ ڪاروباري زندگي مڪمل طور تي معطل رهيو، ڪاروباري مرڪز، بازار ۽ مارڪيٽن کان علاوه پئٽرول پمپ ۽ سي اين جي اسٽيشنز به بند رهيا، ان کان علاوه رستن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ به نه هجڻ برابر هئي، ڪراچي کان علاوه ٺٽو، حيدرآباد، سجاول، ميرپورخاص، نوابشاهه، سکر، روهڙي، پنوعاقل، دوڙ، باندي، بدين ٽنڊوآدم، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، نوشهروفيروز ۽ خيرپور سميت ٻين شهرن ۾ به هڙٽال ڪئي وئي، ان کان علاوه انٽراسٽي بسون نه هلڻ سبب ماڻهن کي شخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو پيو. متحده قومي موومينٽ جي مارجي ويل ڪارڪنن جي جناز نماز جناح گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، مولانا تنوير الحق ٿانوي جنازي نماز پڙهائي، جنازي نماز ۾ متحده جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار، حيدر عباس رضوي، فيصل سبزواري، بابر غوري، ڊاڪٽر نصرت، امن الحق سميت ٻيا اهم عهديدار شريڪ ٿيا. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽِي اڄ ڏنل هڙتال جو سڏ واپس وٺڻدي اعلان ڪيو آهي ته هڙتال نه ڪئي ويندي پر اڄ به ڪارڪنن جي قتل تي سوڳ ملهايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *