ايم ڪيو ايم پاران ٽمبر مارڪيٽ باهه واقعي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مهملي رٿ جمع ، وزيرن کان استعيفيٰ جو مطالبو ڏين: خواجه اظهار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه واري واقعي تي مهملي رٿ،پشاور سانحي ۽ مولانا عبدالعزيز خلاف 2 ٺهراءَ توڙي ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل جو مسودو جمع ڪرائي ڇڏيو. سنڌاسيمبلي ۾ متحده قومي موومينٽ جي پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو،جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيوويو. اجلاس بعد متحده اڳواڻن ٽمبر مارڪيٽ واري واقعي تي مهملي واري رٿ،پشاور سانحي ۽ مولانا عبدالعزيز خلاف 2 ٺهراءَ ۽ ڪراچي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج کي يونيورسٽي جو درجو ڏيارڻ لاءِ بل جو مسودو اسيمبلي سيڪريٽري جي آفيس ۾ جمع ڪرايو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده اڳواڻ خواجه اظهارالحسن،سيد سردار احمد، عبدالحسيب ۽ ٻين چيو ته جيڪڏهن ٽمبر مارڪيٽ ۾ باهه لڳڻ وارو واقعو سازش آهي ته پوءِ ان جي ذميوار سنڌ سرڪار آهي. متحده اڳواڻن جو چوڻ هو ته صوبائي وزير بيوسيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏين، آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي سنڌ ۾ پ پ جي ڪارڪردگي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هنن چيو ته پشاور سانحي ۾ پاڪستان جي مستقبل کي نشانو بڻايو ويو،جيڪڏهن ته طالبانائيزيشن بابت الطاف حسين جي بيانن تي ڌيان ڏنو وڃي ها ته سانحو پيش نه اچي ها. متحده اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته مولانا عبدالعزيز خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي. خواجه اظهار الحسن، سيد سردار احمد ۽ ٻين اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ ٽمبر مارڪيٽ باهه واقعي ۽ پشاور سانحي تي ڀرپور آواز اٿاريو ويندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *