ايم ڪيو ايم پاران اڄ سوڳ جو اعلان، نادرن باءِ پاس تي ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو: فاروق ستار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رينجرز سان مقابلي ۾ مارجي ويل 4 جوابدارن مان 3 جي ايم ڪيو ايم پنهنجا ڪارڪن ڄاڻايا آهن. فاروق ستار جو چوڻ هو ته کين عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو آهي. ڪارڪنن جي مارجڻ تي ايم ڪيو ايم اڄ سوڳ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ فاروق ستار الزام لڳايو ته نادرن باءِ پاس جي ڀرسان ايم ڪيو ايم جي 3 ڪارڪنن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو ويو. ٽنهي کي چار مهينا اڳ ۾ رينجرز گرفتار ڪيو هو ۽ اڻ جا تفصيل پارٽي وٽ موجود آهن. فاروق ستار جو چوڻ هو ته سندن ڪارڪنن جي گرفتاري کانپوءِ ڪوبه رمانڊ نه ورتو ويو. متحده جا 150 ڪارڪن گم آهن اُهو معاملو عدالت ۾ آهي، گم ٿيل ماڻهن جي فهرست وزيراعظم ۽ گهرو وزير کي به ڏني وئي آهي. فاروق ستار جو چوڻ هو ته 24 ڪلاڪن دوران ايم ڪيو ايم جي 4 ڪارڪنن کي قتل ڪيو ويو آهي. هاڻي سرڪاري ادارن 3 ڪارڪنن جي باري ۾ هٿ ٺوڪيو بيان جاري ڪيو آهي. فاروق ستار اعلان ڪيو ته ڪارڪنن جي مارجڻ تي ايم ڪيو ايم سڀاڻي سوڳ طور ملهائيندي ۽ ڪراچي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *