ايم ڪيو ايم وڏي وزير خلاف استحقاق واري رٿ اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،وڏي وزير سيد قائم علي شاهه خلاف استحقاق وارِي رٿ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، متحده اڳواڻن سيد قائم علي شاهه کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڪراچي وڏي وزير جي اوطاق نه پر سجاڳ ماڻهن جو شهر آهي. ‎ سنڌ اسيمبلي جي اجلاس جي واڪ آئوٽ کانپوءِ متحده اڳواڻن سيد سردار احمد، خواجا اظهار الحسن ۽ فيصل سبزواريءَ اسيمبلي سيڪريٽري عمر فاروق وٽ وڏي وزير خلاف استحقاق واري رٿ جمع ڪرائي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي متحده ايم پي ايز خواجه اظهار الحسن ۽ فيصل سبزواري وڏي وزير کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو. فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان صوبو نه ٿو هلي سگهي،جڏهن ته وڏي وزير تعصباڻي انداز ۾ جواب ڏنا آهن. فيصل سبزواري چيو ته سيد قائم علي شاهه رينجرز ۽ پوليس جي ڪوششن کي لئه مٽي ڪرڻ چاهي ٿو. هنن چيو ته جيڪڏهن مٿن وزيراعلي ٰ هائوس تي حملي جو الزام ثابت ٿي وڃي ته ڀلي ڪيس داخل ڪيو وڃي، سنڌ حڪومت خلاف احتجاج جا سمورا طريقا استعمال ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته هنن وزيراعليٰ هائوس آڏو ڪنٽينر هٽايا هئا پر گوليون نه هلايون هيون، طاقت جي نشي ۾ شهرين کي پيهڻ جي ڪوشش ڪندڙ بيوقوفن جي جنت ۾ رهن ٿا، ڪراچي پوليس جي چيف جي بيان بابت وڏي وزير کان وضاحت طلب ڪرڻ سندن حق آهي. فيصل سبزواري وڌيڪ چيو ته وڏي وزير صورتحال جي سڄي ذميواري ڊي جي رينجرز تي وجهي رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي خواجه اظهارالحسن چيو ته سنڌ ۾ قتلام تي سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي ته ڪير ملوث آهي؟ هن چيو ته وڏو وزير مقتول جي وارثن جي احتجاج کي حملو قرار ڏئي ٿو ته شايد ان جي عمر جي تقاضا آهي. خواجه اظهار الحسن چيو ته پ پ چيئرمين ۽ ڪو چيئرمين وڏي وزير جي بد انتظامي جو نوٽيس وٺن. سندس چوڻ هو ته جنهن ميمبر وڏي وزير کي ڪراچي جي شهرين ۽ متحده جي زخمن کي لوڻ ٻرڪڻ تي مبارڪباد ڏني آهي ان جو اڇو چٺو جلد پيش ڪيو ويندو. خواجه اظهار الحسن چيو ته پوليس نسلي بنيادن تي سندن ڪارڪن کي قتل ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *