ايم ڪيو ايم وف جي ن ليگ اڳواڻن سان ملاقات، شھباز شريف پاران حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ ۾ ساٿ ڏيڻ جي اپيل

لاهور(م.ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي وفد ملاقات ڪئي، لاهور ۾ ٿيل ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ حڪومت کي هٽائڻ لاءِ بي اعتمادي واري رٿ سميت ٻين آپشنز تي به غور ڪيو ويو، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ايم ڪيو ايم کي پهريان پاڪستاني ۽ پوءِ اتحادي طور سوچڻو پوندو. وقت گهڻو ناهي، ايم ڪيو ايم کي فيصلو ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ سميت ٻين آپشنز تي غور ڪيو ويو، ايم ڪيو ايم جو وفد ڪراچي ۾ رابطا ڪميٽي سان ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪو فيصلو ڪندو ۽ قوم اميد رکي ٿي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عوام جي حق ۾ فيصلو ڪندي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان چيو ته شهباز شريف سان ٿيل ڳالهه ٻولهه رابطا ڪميٽي آڏو رکي ويندي.هن چيو ته بي اعتمادي سميت جيڪي به معاملا هجن، پهريان اپوزيشن طئي ڪري هڪ ايجنڊا کڻي اچي، پوءِ عوام جي بهتري لاءِ جيڪو به فيصلو هوندو اهو ڪيو ويندو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *