ايم ڪيو ايم قومي اسيمبلي ۾ سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هنگامو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم،‎قومي اسيمبلي ۾ به سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ايم اين اي آصف حسينن جي نئين صوبي واري بيان تي پ پ ميمبرن ايوان ۾ سخت احتجاج ڪيو. قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر آصف حسنين چيو ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ محروميءَ جو احساس وڌي رهيو آهي،جنهنڪري اتي نئون صوبو هر حال ۾ ٺهندو. متحده ايم اين اي آصف حسنين چيو ته سنڌ ۾ حڪومت جي نالي تي ڦرلٽ ٿي ڪئي پئي وڃي،ڪرپشن عروج تي هئڻ سبب ٿر جي صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي چڪي آهي،جڏهن ته ڪچي شراب جي وڪري سبب به ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. قومي اسيمبلي جي ايوان ۾ ايم ڪيو ايم طرفان سنڌ ۾ نئين صوبي جي مطالبي تي پ پ ايم اين ايز سخت احتجاج ڪيو،جنهن دوران ٻنهي پارٽين جي ميمبرن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. پ پ ايم اين اي شگفته جماڻي چيو ته ايم ڪيو ايم وارا نان اشو تي ڳالهائي رهيا آهن، سنڌ ۾ ڪنهن به نئين صوبي جي ضرورت ناهي ۽ نه وري هو سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ ڏيندا. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي آصف حسنين چيو ته جيڪڏهن ايوان ۾ کين ڳالهائڻ نه ڏنو ويندو ته پوءِ ٻيو ڪير به نه ڳالهائي سگهندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *