ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ به استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي پر اهي جاچ پڙتال واري مرحلي ۾ آهن: آغا سراج دراني

لاڙڪاڻو (بيورو) سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ به استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي پر اهي جاچ پڙتال واري مرحلي ۾ آهن، پي ٽي آءِ محدود پارٽي ٿي وئي آهي، جنهن کي پنجاب جي ڪجهه علائقن کانسواءِ ڪٿي به موٽ نه ملي آهي.نئين ديري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج دراني چيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي سڪيورٽي خدشن سبب چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي ۾ پ پ مخالفن کي شڪست ڏئي آئينو ڏيکاريو، پنهنجي اميدوارن سامهون بيهندڙن کي پارٽي مان نيڪالي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آغا سراج دراني چيو ته ايم ڪيو ايم وارا وفاق ۾ پنهنجون استعيفائون واپس وٺن پيا ۽ سنڌ ۾ به استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو آهي پر جاچ پڙتال جاري آهي. سندس چوڻ هو ته عمران خان کي پنجاب جي ڪجھه علائقن کانسواءِ ٻين صوبن ۾ ڪابه موٽ ناهي ملي، تحريڪ انصاف محدود پارٽي بڻجي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ احتساب بل سميت ٻيون  ترميمون آنديون پيون وڃن، جن جي منظوري ملي ويندي. اسپيڪر آغا سراج دراني پيپلز پارٽي ختم ٿيڻ بابت پير پاڳاري جو پنهنجو خيال آهي، جنهن تي ڪابه پابندي نه آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *