ايم ڪيو ايم سربراهه وفادار ماڻهن کي ”را“ جو ايجنٽ بڻائي ڇڏيو: مصطفيٰ ڪمال

ميرپورخاص(بيورو) ايم ڪيو ايم سربراهه ڪراچي جي ماڻهن جون  ٻه نسلون تباهه ڪري ڇڏيون ۽ هو هاڻ به اها ڪوشش ڪري رهيو آهي ته جيڪا زندهه جي انهن کان تعليم ۽ خوراڪ به کسجي. پاڪ سر زمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال ميرپورخاص ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته الطاف حسين بزدل انسان آهي ڪڏهن سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪندو آهي ته ڪڏهن مهاجر ڪارڊ اسعتمال ڪندو آهي، ڪڏهن ڪنهن جرنل کي گار ڏيندو ۽ پوءِ ان کان معافي گهرندو آهي. سنڌ جي ماڻهن کي چوان ٿو ته الطاف حسين جي بيانن کي سنجيدگي سان نه وٺن. الطاف حسين ماڻهن کي ڪيڙو ماڪوڙو سمجهندو آهي ۽ هن کي رڳو ماڻهن جو لاشون گهرجن، الطاف حسين پندرهن هزار ماڻهن کي مارائي چڪو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *