ايم ڪيو ايم سربراهه فوج جي نگراني ۾ آدمشاري ڪرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين، فوج جي نگراني ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ظلم ۽ ناانصافيون نه روڪيون ويون ته عوامي رد عمل اچي سگهي ٿو. لنڊن مان ٽيليفون ذريعي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي الطاف حسينچيو ته فوج جي نگرامي ۾ سڄي ملڪ اندر ٻيهر آدمشماري ڪرائي وڃي. متحده سربراهه چيو ته فوج ۽ ڳجهن ادارن جا سربراهه ظلم ۽ ناانصافيون روڪرائين، ٻي صورت ۾ عوامي رد عمل اچي سگهي ٿو. الطاف حسين چيو ته ننڍي چڻنگ وڏي جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي، انڪري اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي توڙي مذهبي جماعتون سندس رد عمل تي واويلا ڪرڻ بدران ان معاملي تي سنجيدگي سان سوچين. هـُن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو ايم ڪيو ايم سان سلوڪ بهتر ناهي، جنهن کي وڌيڪ برداشت نٿو ڪري سگهجي. الطاف حسين چيو ته اليڪشن ڪميشن کي عدالتي فيصلي موجب تڪبنديون ڪرڻ گهرجن. ايم ڪيو ايم سربراهه چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ هو اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ چاهين ٿا. الطاف حسين چيو ته جيڪڏهن انتظامي يونٽن تي اعتراض ڪيو پيو وڃي ته سنڌ کي ون ۽ ٽو ۾ ورهايو وڃي. متحده جي سربراهه آخر ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ متحده جي ڪارڪنن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *