ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون هلن پيون، مشرف جي چوڌاري گهمندڙ مايوس ٿيند: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي بلديات ۽ اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن ۾ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي شڪست جو خواب مخالفن لاءِ خواب ئي هوندو. ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل سميت پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جاري آهي. پوليس ۾ ڀرتيون ميرٽ تي ٿي رهيون آهن، ڪنهن کي اعتراض هجي ته هو اسان کي لسٽون فراهم ڪري يا وري عدالت ۾ وڃي. سنڌ حڪومت جو هن وقت مڪمل فوڪس صوبي ۾ امن امان جي قيام تي آهي، قياس آرائين جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي. پرويز مشرف جي ترجيح سياست ناهي پر ملڪ کان ٻاهر  وڃڻ آهي ۽ ان سان گڏ هلندڙ صرف منهن ڏسندا رهجي ويندا. سياست ۾ ڪابه حتمي دوستي يا حتمي دشمني ناهي هوندي ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جمهوريت جو حسن آهي. هو جمعي تي سنڌ اسيمبلي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. اپوزيشن ليڊر شهر يار مهر پاران ڪيل تنقيد جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هر جماعت کي اختيار آهي ته هو اتحاد ٺاهي. هن چيو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي سينيٽ جي چونڊن ۾ شڪست ڏيڻ جي دعويٰ ڪندڙن جا خواب صرف خواب ئي رهجي ويندا. هن چيو ته پي پي پي سينيٽ جي چونڊن ۾ صوبي ۾ ڪامياب ٿي ڏيکاريندي ۽ ان جي نتيجن ۾ ڪيتريون حيران ڪندڙ شيون به سامهون اينديون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان ايم ڪيو ايم، مسلم ليگ فنڪشنل سميت پارليامينٽ ۾ موجود سمورين سياسي جماعتن سان ڳالهه ٻولهه جو عمل جاري آهي. پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتيون نه ٿيڻ جي شهر يار مهر جي الزام جي جواب ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀرتيون مڪمل طور تي ميرٽ تي ڪيون پيون وڃن ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ان تي اعتراض آهي ته هو اسان کي لسٽون فراهم ڪري يا وري عدالتن ۾ وڃي. هن چيو ته هن وقت صوبي ۾ ايس ايس يو، ريپڊ رسپانس سيل سميت پوليس جا مختلف يونٽ صوبي ۾ قيام امن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ گذريل ڏينهن  ايپڪس جي اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته پوليس جي هڪ هزار نوجوانن کي فوجي سکيا ڏني ويندي. هن چيو ته اسان صوبي ۾ پوليس جي پگهارن کي ٻين صوبن جي برابر ڪري ڇڏيو آهي. شهيدن جي معاوضي کي وڌائي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت جو مڪمل فوڪس هن وقت صوبي ۾ امن امان جي قيام تي آهي ۽ ان تي جيڪڏهن ڪير قياس آرائيون ڪري رهيو آهي ته ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق نه آهي. پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر طارق آرائين تي ڪيس داخل ٿيڻ جي سوال تي هن چيو ته هڪ سينيئر ۽ معزز ميمبر آهي ان تي مخالفن ڪيس داخل ڪرايو آهي ان جو اهو مقصد هرگز ناهي ته هو ڏوهاري آهي. هن چيو ته ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي. هن چيو ته طارق آرائين ڪوبه غلط ڪم نه ڪيو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ان جي ترجيح دراصل سياست نه پر ملڪ کان ٻاهر وڃڻ آهي ۽ جنهن ڏينهن کيس وفاقي وزارت داخلا کان اجازت ملي هو هن ملڪ مان هليو ويندو ۽ ان سان گڏ سياست ڪندڙ منهن ڏسندا ئي رهجي ويندا. هن چيو ته ان جي آسري تي سياست ڪندڙن کي مايوسي کانسواءِ ڪجهه حاصل نه ٿيندو. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته سياست ۾ ڪابه حتمي دوستي يا حتمي دشمني ناهي هوندي ۽ ڳالهه ٻولهه جو سلسلو جمهوريت جو حسن آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *