ايم ڪيو ايم رڳو حڪومت ۾ گڏ هوندي آهي ۽ هاڻي دٻاءُ هيٺ آهي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاھ چيو آهي ته آرمي چيف سان گڌ هو صرف هڪ تقريب ۾ ويو هو، سندن ڪابه گڏ جاڻي نه ٿي هئي، متحده دٻاءُ هيٺ آهي هونئن به اها ڪڏهن چونڊ اتحادي نه رهي آهي..سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد احمد شاهه چيو ته 6 سيپٽمبرتي رٿيل تقريب ۾ هو آرمي چيف سان 1965ع واري گڏيل قومي جذبي جي اظهار لاءِ گڏجي ويو هو اتي نه سندن ڪا گڏجاڻي ٿي هئي ۽ نه ئي ڪي ڳالهيون ٿيون هيون.هن چيو ته متحده سان ڪڏهن به سندن چونڊ اتحاد ناهي رهيو، ايم ڪيو ايم رڳو حڪومت ۾ گڏ هوندي آهي ۽ هاڻي دٻاءُ هيٺ آهي، مڪاني چونڊن لاءِ متحده سان ڪو اتحاد غور هيٺ ناهي. خورشيد احمد شاهه چيو ته تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي استعفا لاءِ ڌرڻو هڻي رهي آهي، پ پ جو به اهوئي مطالبو آهي ته شڪي چونڊن بعد اليڪشن ڪميشن جا ميمبر عزت سان استعفا ڏئي هليا وڃن..هن چيو اليڪشن ڪميشن جا ميمبر معزز رٽائرڊ جج آهن، پر پارٽين جي اعتراضن کانپوءِ سندن رهڻ جو ڪو به جواز ناهي، پي ٽي آءِ طرفان هنن جي استعيفائن جو مطالبو درست آهي..خورشيد شاهه چيو ته اليڪشن ڪميشن سندس ئي نامزد ڪيل ميمبرن تي ٻڌل هئي، اهڙي نامزدگي تي هن قوم کان معافي ورتي آهي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن استعيفائون نه ڏنيون ته مڪاني چونڊون ملتوي ٿي وينديون..هن چيو ته، ليوي ٽئڪس جگا ٽئڪس آهي، حڪومت وري جگا ٽئڪس جي مٿان سيلزٽئڪس هنئي آهي، جنهن ڪري تيل جون قيمتون گھٽجڻ باوجود عوام کي ڪو رليف ناهي مليو..خورشيد شاهه چيو ته پيٽرول جون قيمتن ۾ گھٽتائي عالمي مارڪيٽ ڪي حساب ناهي ٿي، جڏهن ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 40 کان 45 روپيا في ليٽر هجڻ گهرجي..هن چيو ته وفاقي حڪومت زراعت کي هٿي ڏيارڻ لاءِ هارين کي سهولتون ڏئي، پر فصل لهڻ کان پوءِ سارين، ڦٽين، ڪمند سميت ڪڻڪ ۽ ٻين زرعي جنسن جو اگهه صحيح نه ملڻ ڪري آبادگار ۽ هاري بدحالي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، حڪومت کي گهرجي ته کين سبسڊي ڏئي ته جيئن پئداوار وڌي ۽ ملڪ ترقي ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *