ايم ڪيو ايم رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿي، قومي ڪارڪنن ڌيان نه ڏين: سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس

لاڙڪاڻو (بيورو)لاڙڪاڻي ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ جي ميزباني هيٺ سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته متحده قومي موومينٽ ٽڪراءُ واري پاليسي اختيار ڪري سنڌ ۾ رتو ڇاڻ ڪرائڻ چاهي ٿي، پر سنڌي ماڻهو ۽ قومي ڪارڪن متحده جي ٽڪراءُ واري پالسي تي ڌيان نه ڏين ۽ انهن کي اپيل ٿي ڪجي ته اهي ٽڪراءَ واري پاليسي کان پاسو ڪري سنڌ جي قومي وحدت ۽ ورهاڱي خلاف سگهارو آواز بڻجي هڪ ٿي هڪ ئي صف ۾ بيهي ڌرتي جي حفاظت ڪن ، متحده سمورن اردو ڳاهائيندڙن جي نمائنده جماعت نه آهي ۽ اردو ڳالهائيندڙ اسان جا ڀائر آهن. ٽڪراءَ واري پاليسيءَ مان ٽين قوت پنهنجا مقصد ماڻڻ چاهي ٿي. اهڙو اظهار ڪالهه لاڙڪاڻي جي عبدالطيف نظاماڻي ليبر هال ۾ سنڌ بچايو ڪاميٽي جي ميزباني هيٺ “سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس” کي خطاب ڪندي سنڌ بچايو ڪاميٽيءَ جي ڪنوينر سيد جلال محمود شاهه چيو ته اسين سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ پارٽين کي اڪيلو ڪرڻ چاهيون ٿا ۽ ان ۾ ايم ڪيو ايم سرفهرست آهي. ڪراچيءَ ۾ ٿيل پهرين سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس منعقد ٿيڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم جي اشتعال انگيزي ۾ اضافو ٿي ويو آهي. هو چاهين ٿا ته ان ماحول سان سنڌ جو ڪارڪن جذباتي ٿئي ۽ انهن وٽ بدامني جو جواز پيدا ٿئي، پر اسين اشتعال ۾ نه ٿا اچڻ چاهيون، اسين سمورن قومي ڪارڪنن ۽ سنڌ واسين کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪيون ٿا. هن چيو ته متحده سمورن اردو ڳالهائيندڙ ماڻهن جي جماعت نه آهي. متحده پنهنجي سياسي قلابازين ڪري بيهڪ نه جوڙي سگهي آهي. هنن تي ڪا به پارٽي يقين نه ٿي رکي، هو مڪمل طور اڪيلا ٿي چڪا آهن. هو پنهنجي اردو ڳالهائيندڙ نوجوانن کي هٿيار کڻڻ لاءِ ڀڙڪائين پيا. هن چيو ته اسين پ پ پ جي پاليسين مان مطمئن نه آهيون پر سنڌ جي يڪجهتيءَ لاءِ ڪڏهن به حڪومت سڏ ڏيندي ته اسين حاضر آهيون، باقي خالي مرويسون، سنڌ نه ڏيسون واري نعري سان ڪم نه هلندو. ٽين قوت به آهي، جيڪا چوي ٿي ته هو وڙهن ۽ اسين راڄ ڪيون. هاڻ پاڪستان ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگريس واري سياست نه هلندي، ڪنهن کي به ملڪ ورهائڻ جي اجازت نه ڏبي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جسقم جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻيءَ چيو ته سنڌ پنهنجي وجود لاءِ ڪنهن اسيمبليءَ جي محتاج نه آهي. پ پ سنڌ اسيمبليءَ ۾ جن ماڻهن کي دڳ ٺاهي ڏنو، اهي اڄ سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. ساڳي اسيمبليءَ ون يونٽ جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو هو ۽ سڄي سنڌ متفق آهي ته اسين ڪنهن کي به سنڌ جا ٽڪرا ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. متحده جي قيادت اقتدار جي نشي ۾ هوش ۽ حواس وڃائي چڪي آهي. انهن اردو ڳالهائيندڙن کي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي. اسان کي بار بار ماءُ تي گار ملي ٿي پر اسين انهن کي هر ڀيري سڌرڻ جو موقعو ڏيون ٿا ۽ کين خبردار ڪيون ٿا ته هو اهڙين حرڪتن کان باز اچن. هن چيو ته سنڌ جو نوجوان هر صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جسماني طور تي مڪمل طور تي تيار رهي. پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي حاجي منور علي عباسي چيو ته ايم ڪيو ايم دهشتگرد تنظيم آهي، جيڪا هڪ شهر تائين محدود آهي. آئين ۾ ڪٿي به صوبن کي ورهائڻ جي اجازت نه آهي. سنڌ اسان جي ماءُ آهي. ان لاءِ ٿيندڙ هر جدوجهد ۾ گڏ هونداسين ۽ قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سنڌ ورهائڻ خلاف آواز اٿاريو آهي ته مهاجر لفظ تي ايم ڪيو ايم وارا مٿس مڇرجي پيا آهن ۽ مذهبي انتهاپسندي جي آڙ ۾ مهاجر لفظ کي گار ٿا سمجهن. جيڪا غلط ڳالهه آهي. سنڌ نيشنل موومينٽ جي چيئرمين اعجاز سامٽيو چيو ته سنڌ ۾ نسلي فساد ڦهلائڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. اهڙين سازشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ملوث آهن. ايم ڪيو ايم ڪراچيءَ ۾ وڏي گيم کيڏڻ واري آهي ۽ جلد ڪو وڏو فساد ٿيڻ وارو آهي. اسين ڪنهن به صورت ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي خلاف نه آهيون. جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر خالد محمود سومرو چيو ته جيڪو سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اسين ان جا ٽڪرا ڪري ڇڏينداسين. ڪنهن ماءُ جي پٽ کي سنڌ کي ورهائڻ جي طاقت نه آهي. ڪراچي سنڌ جي سسي آهي ۽ اسين ڪراچي کي ڪنهن به صورت ۾ ڇڏي نه ٿا سگهون. ايم ڪيو ايم وارا پاڻ توهين رسالت جا مرتڪب آهن. جيڪي پنهنجي هجرت کي رسول پاڪ ضلعم جن جي هجرت سان ڀيٽا ڏين ٿا. هي غيرملڪي ايجنڊا تي عمل ڪندي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪن ٿا. پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاران هڪ ٻئي کي ڳالهائڻ نورا ڪشتي آهي. هنن جي هڪ ٻئي کان سواءِ سري ئي نه ٿي. هن چيو ته بلاول کي سياست ۾ اچڻ تي ويلڪم چئون ٿا. پر رڳو نعري هڻڻ سان ڪجهه نه ٿيندو. بلاول کي پنهنجي پارٽي طرفان سنڌ اندر ڪيل ڀينگ جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. پ پ پ سنڌ ين کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه نه ڏنو آهي. جيسيتائين سسيءَ ۾ ساهه آهي. باب السلام سنڌ جو تحفظ ڪنداسين. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ کي ٽوڙيندو ته پاڪستان به نه بچندو ۽ هن ملڪ جا ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويندا. ڪراچي ايم ڪيو ايم وارن جي نه آهي. اردو ڳالهائيندڙ به انهن مان بيزار آهن، پر هو گن پوائنٽ آڏو مجبور آهن. ڪانفرنس کي اسلم خيرپوري، قمر ڀٽي، پريس ڪلب جي صدر ايس اقبال بابو، ڪرم وساڻ ۽ ٻين اڳواڻن به خطاب ڪيو. جڏهن ته سنڌ يڪجهتي ڪانفرنس ۾ ايس يو پي، جسقم، جسقم آريسر، سنڌ نيشنل موومينٽ، نواز ليگ، جي يو آءِ ، جي يو پي، سميت مختلف قومپرست، سياسي، سماجي ۽ مذهبي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ايڊوڪيٽ بابو سرفراز جتوئي، ساجن ڪلهوڙو، دودو ديشي، منظور شيخ، ڊاڪٽر ممتاز شيخ، حافظ احمد علي عباسي، راشد محمود سومرو، شيبا مغل، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو، احمد علي تونيو، خالد چانڊيو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *