ايم ڪيو ايم جي ٻن اڳواڻن ڀارتي حڪومت کان مالي مدد ملڻ جو اعتراف ڪري ورتو: بي بي سي جي دعويٰ

لنڊن(م.ڊ) برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ايم ڪيو ايم جي ٻن اڳواڻن برطانوي اختيارين جي سامهون اهو قبوليو آهي ته کين ڀارت پاران مالي مدد ملندي رهي آهي.رپورٽ مطابق ڀارت کان مالي مدد ملڻ جو اعتراف لنڊن ۾ رهندڙ ايم ڪيو ايم جي ٻن سينئير اڳواڻن 2012ع ۾ پوليس کي رڪارڊ ڪرايل هڪ بيان ۾ ڪيو. بي بي سي جي رپورٽ مطابق ايم ڪيو ايم جي خلاف مني لانڊرنگ جي جاچ ڪندڙ برطانوي اختيارين کي ايم ڪيو ايم جي هڪ اڳواڻ جي گهران 2013ع ۾ هڪ ڇاپي دوران هٿيارن ۽ ڌماڪو ڪندڙ مواد جي هڪ فهرست به ملي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل ڇاپي دوران مليل فهرست ۾ ورتل هٿيار ۽ پئسا امڪاني طور تي ڪراچي ۾ استعمال ٿيڻا هئا.رپورٽ مطابق پاڪستاني اختيارين بي بي سي کي ٻڌايو آهي ته ڀارت گذريل ڏهن سالن دوران ايم ڪيو ايم جي سوين انتها پسندن کي تربيت به ڏني.ڀارتي اختيارين ان دعويٰ کي بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيو آهي ،جڏهن ته ايم ڪيو ايم ان تي بحث يا تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.اها دعويٰ اپريل ۾ ڪراچي جي هڪ سينئير پوليس آفيسر جي ان بيان کان پوءِ سامهون آئي آهي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي ڀارت ۾ تربيت جي دعويٰ ڪئي وئي هئي.اپريل ۾ ڪراچي پوليس جي سينئير آفيسر رائو انوار ميڊيا جي سامهون ٻن ماڻهن کي پيش ڪندي ٻڌايو هو ته ڪهڙي ريت ٻئي ماڻهو ٿائيلينڊ ذريعي ڀارت پهتا جتي هنن ڀارتي انٽيليجينس اداري“را” کان تربيت ورتي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *