ايم ڪيو ايم جي را سان لاڳاپن بابت پ پ، مشرف ۽ موجوده حڪومت کي به پوري ريت خبر آهي پر ڪارروائي ناهي ٿي:سراج الحق

اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي را سان لاڳاپن بابت پيپلز پارٽي، مشرف  حڪومت ۽ موجوده حڪومت کي پوري ريت خبر آهي، جڏهن ته پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڪنهن به حڪومت ان جو ڪو نوٽيس نه ورتو  آهي، جيڪڏهن ڀارتي ڳجهي ايجنسي سان لاڳاپا ۽ فنڊ وٺڻ ڪو ڏوهه ناهي ته مستقبل ۾ را ۽ سي آءِ ايسوڌو ٻين ايجنسين لاءِ ڪم ڪرڻ به ڪو ڏوهه نه هوندو، ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال پاران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين تي لڳايل الزامن کانپوءِ عدليا ۽ حڪومت سوڌو سمورن ادارن تي ان جو نوٽيس وٺڻ جي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامنٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ناظم مصطفيٰ ڪمال پنهنجي پارٽي جي اڳواڻن بابت ڪافي رازن کي فاش ڪيو آهي ، ان کان پهرين به ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي ڪارڪنن اهڙي قسم جا انڪشاف ڪيا هئا پر حڪومت اڃا تائين ان سلسلي ۾ ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي، هن چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته جيستائين ملڪ جي گڏيل صورتحال تبديل نه ٿيندي، ان وقت تائين حالتون مٽجي نه ٿيون سگهن، هن چيو ته مصطفيٰ ڪمال ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين تي جيڪي الزام لڳايا آهن ته ان جو اهو به فرض آهي ته اهي الزام ثابت به ڪري، هن چيو ته ڀارتي ڳجهي ايجنسي را سان لاڳاپن بابت پهرين به الزام لڳايا ويا آهن ۽ هاڻي وري انهن الزامن کي ورجايو ويو آهي، هن چيو ته انهن الزامن کان پوءِ ڏسڻو آهي ته هاڻي سنڌ حڪومت ان سلسلي ۾ ڇا ٿي ڪري يا ملڪ ۾ موجود عدليه ۽ ٻيا ادارا ڪهڙو نوٽيس وٺن ٿا، سراج الحق چيو ته مصطفيٰ ڪمال جي الزامن کي ڏسڻ لاءِ هڪ ڪميشن جوڙي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *