ايم ڪيو ايم جو 15 مئي تي شيڊو بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان، سنڌ ۾ پاڻي مسئلو حل نه ٿيو ته جهيڙا ٿيندا: خواجه اظهار

ڪراچي (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم 15 مئي تي شيڊو بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جو مسئلو حل نه ٿيو ته جهيڙا ٿيندا، سنڌ ۾ هڪ وڏو وزير ناهي پر ڪيترائي وڏا وزير آهن، خورشيد شاهه وزيراعظم کان جيڪو گهري رهيو آهي، ان جو جواب وڏو وزير ڪڏهن وٺندو، گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي بلڊنگ ۾  پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه اظهار الحسن چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ٻي ۽ ڪراچي شهر جي سڀ کان وڏي چونڊيل جماعت آهي، گذريل سال انهن ڏينهن ۾ پاڻِي جو بحران هو جيڪو اڄ به آهي، هن وقت ڪراچي ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهي آهي ۽ سنڌ سرڪار پاڻي فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هن چيو ته ٽينڪر ذريعي پاڻي فراهمي واري اسڪيم به ڪرپشن جو ذريعو هئي، سنڌ حڪومت ساڍا 6 سئو ارب رپيا خرچ ڪري چڪي آهي پر ان باوجود شهرين کي پاڻي ميسر نه ٿي سگهيو آهي، اها ئي صورتحال رهي ته ڪراچي ۾ جهيڙا ڪر کڻندا، هن چيو ته ميڊيا گواهه رهي ته اسان ان حوالي سان سي ايم سنڌ کي خط لکيو آهي، هن چيو ته هو جڏهن به وڏي وزير سان ملڻ لاءِ ويا آهن ته کين سرڪاري چانهن پيارڻ کانپوءِ رخصت ڪيو وڃي ٿو، خط لکون ٿا ته ان جو به جواب نٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته اسڪولن ۾ امتحان هلي رهيا آهن پر اتي نه پاڻي آهي ۽ نه ئي باٿروم جي سهولت آهي. هن چيو ته پاڻي واري معاملي ۾ 2 سئو ارب رپين جي ڪرپشن جو ڇا ٿيو، پاڻي ڪرپشن بابت جي آءِ ٽي جو ڇا ٿيو، آخر اهي سڀ ادارا خاموش آهن ۽ جاچ کان نٽايو پيو وڃي، ان موقعي تي سيد سردار احمد ۽ ٻيا ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *