ايم ڪيو ايم جو ڪارو ڏينهن، ڪراچي سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروبار بند، عوام نون صوبن جي حق ۾ فيصلو ڏئي ڇڏيو : الطاف حسين

لنڊن/ڪراچي/حيدرآباد(نمائندن وٽان) متحده قومي موومينٽ پ پ اڳواڻ ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه جي بيان خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي رهي آهي، ڪراچيءَ سميت مختلف شهرن ۾ ڪاروباري زندگي مفلوج بڻيل آهي. خورشيد شاهه پاران مهاجر لفظ کي گار قرار ڏيڻ واري بيان خلاف ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ ڪارو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي. ڪراچي ۾ روڊن تي پبلڪ ٽرانسپورٽ نه هئڻ برابر آهي جڏهن ته ڪيترن ئي علائقن ۾ سي اين جــِي اسٽيشنز ۽ پيٽرول پمپس بند هئڻ سبب شهرين کي ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. متحده جي ڪاري ڏينهن تي ڪراچي ٽرانسپورٽ اتحاد پاران پبلڪ ٽرانسپورٽ بند رکي وئي آهي جڏهن ته واپارين به پنهنجو ڪاروبار بند رکيو آهي. ايم ڪيو ايم پاران منجهند جو ٽئين وڳي شاهراهه قائدين ۽ شاهراهه فيصل کي ملائيندڙ روڊ تي احتجاجي مظاهرو به ڪيو ويندو. متحده قومي موومينٽ جي ڪاري ڏينهن تي حيدرآباد ۽ نوابشاهه ۾ جزوي طور ڪاروبار بند آهي جڏهن ته ميرپورخاص، ڊگهڙي ۽ ٽنڊي الهيار ۾ به ڪاروباري زندگي مفلوج بڻيل آهي. واضح رهي ته 17 آڪٽوبر تي خورشيد شاهه پاران مهاجر لفظ کي گار قرار ڏيڻ خلاف ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار توڙي آزاد ڪشمير حڪومت سان اتحاد ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ خورشيد شاهه کي اپوزيشن ليڊر جي عهدي تان هٽائڻ جو به مطالبو ڪري رهي آهي ايم ڪيو ايم جي سوڳ واري سڏ تي ڪراچي جي صدر مارڪيٽ، لياقت آباد، فيڊرل بي ايريا، نارٿ ناظم آباد، گوليمار، گرومندر سميت اڪثر علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو آهي ۽ ٽرئفڪ پڻ روڊن تان غائب آهي، جڏهن ته لياري سميت ڪراچي جي مختلف يونيورنيورسٽي ۾ اڄ رٿيل پري انٽري ٽيسٽ پڻ ملتوي ڪئي وئي آهي. هڙتال سبب ڪراچي ۾ پيٽرول پمپس، سي اين جي اسٽيشنز ۽ ٽرانسپورٽ به بند آهي، جڏهن ته مختلف علائقن ۾ ٽائر ساڙي احتجاج پڻ ڪيو ويو آهي.. ايم ڪيو ايم طرفان شاهراه قائدين تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويندو.. حيدرآباد جي لطيف آباد، صدر مارڪيٽ، اسٽيشن روڊ ۽ لبرٽي چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ ڪاروبار بند رکيو ويو آهي، جڏهن ته روڊن تي ٽرئفڪ پڻ معمول کان گھٽ آهي.. ميرپورخاص جي مختلف علائقن ۾ به ڪاروبار بند رکيو ويو، شهر جا اڪثر روڊ رستا ويران پيل آهن.. هوڏانهن، سکر، ٽنڊوالهيار، نوابشاهه، شهدادپور، ٽنڊو آدم ۽ نئون ڪوٽ جي مختلف علائقن ۾ به ڪاروبار بند رکيو ويو آهي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي زونل ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ذميوارن سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پيپلزپارٽي جي تعصب رکندڙ جاگيردارن وڏيرن ۽ اردو ڳالهائيندڙ مهاجرن کي ڪڏهن به تسليم ناهي ڪيو ۽ اُن تعصب ۽ نفرت جي بنياد تي 1973ع ۾ رکي. پيپلز پارٽي پنهنجو پاڻ کي قومي پارٽي چورائڻ جي دعواءِ ڪري ٿي پر تاريخ شاهد آهي ته پيپلزپارٽي هر دور ۾ پاڪستان ڪارڊ نه پر هميشه سنڌ ڪارڊ استعمال ڪيو. هن چيو ته اڄ نه رڳو ڪراچي پر حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص،نوابشهه، سانگهڙ، ٽنڊوآدم، ٽنڊوالهيار، خيرپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور سميت سڄي سنڌ جي سمورن سنڌين ۽ اردو ڳالهائيندڙن ايم ڪيو ايم جي اپيل تي پيپلزپارٽي جي ظلم حڪمراني، تعصب ۽ نرت خلاف ڀرپور ڪارو ڏهاڙو ملهائي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ نوان انتظامي يونٽس ۽ صوبن جي قيام جي ضرورت آهي هن چيو ته هاڻي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جو اُهو متفقه فيصلو آهي ته اُهي گڏجي سنڌ صوبي مان ظلم ۽ فرسوده جاگيرداراڻي، وڏيراڻي نظام ۽ ڪرپٽ ڪلچر جو خاتمو ڪن. الطاف حسين چيو ته ڀرپور ۽ پرامن ڪارو ڏهاڙو ملهائڻ تي ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *