ايم ڪيو ايم جو ڌرڻو: مراد علي شاهه ۽ امين الحق وچ ۾ رابطو، واقعي کي لساني رنگ نه ڏيڻ تي اتفاق

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اربع جي شام وزيراعليٰ هائوس جي مين گيٽ آڏو ايم ڪيو ايم جي ڌرڻي دوران پيش آيل واقعي جي جانچ ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري گهرو کاتي جي اڳواڻي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. هن اهڙو فيصلو خميس ڏينهن آءِ جي پوليس مشتاق مهر ۽ ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ سان ملاقات ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ امين الحق سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ ڪيو. آءِ جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي وڏي وزير کي واقعي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وڏي وزير پنهنجي ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙا واقعا برداشت جوڳا نه آهن. سيد مراد علي شاهه سيڪريٽري گهرو کاتي کي هدايت ڪئي ته هوءَ واقعي جي جانچ لاءِ پنهنجي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ۽ ذميوارن جو تعين ڪري ته جيئن ضروري ڪارروائي ڪري سگهجي. امين الحق سان ڳالهه ٻولهه: ان کان اڳ وڏي وزير ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ امين الحق سان ٽيليفون تي رابطو ڪري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙا واقعا شهر جي امن ۽ سياسي هم آهنگي جي خلاف آهن. مراد علي شاهه ۽ امين الحق پاڻ ۾ اتفاق ڪيو ته واقعي کي لساني رنگ نه ڏنو وڃي. ٻنهي پاسائن سنڌ حڪومت جي نمائندن ۽ ايم ڪيو ايم ليڊرن پاران ڏنل بيانن تي لساني جهڳڙا وڌڻ جي مذمت ڪئي وئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته اهڙي قسم جا بيان جاري نه ڪيا ويندا. وڏي وزير ايم ڪيو ايم اڳواڻ کي آڇ ڪئي ته حڪومت کي پوليس پاران لٺبازي ۾ فوت ٿيندڙ مرحوم اسلم خان جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته جيئن فوتگي جو اصل ڪارڻ معلوم ٿي سگهي. ان موقعي تي امين الحق چيو ته هوءَ پارٽي اڳواڻن ۽ مقتول جي وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. مڪاني ادارن جو قانون: سيد مراد علي شاهه ايم ڪيو ايم جي قيادت کي اها آڇ پڻ ڪئي ته اچو ته گڏجي ويهي نئين قانون تي بحث ڪجي ۽ جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه تجويزون آهن ته مهرباني ڪري شيئر ڪريو جنهن تي غورويچار کانپوءِ  قانون ۾ شامل ڪيو ويندو. امين الحق وڏي وزير جي آڇ کي ساراهيو ۽ چيو ته هو ان بابت پنهنجي پارٽي اڳواڻن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. هن ٽنڊوالهيار واقعي خلاف مناسب ڪارروائي ڪرڻ تي سنڌ حڪومت پاران ورتل اُپائن جي واکاڻ ڪئي.   سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پوليس ڪارروائي ۾ زخمي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ايم پي اي صداقت حسين سان ٽيليفون تي رابطو ڪري واقعي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ سندس عيادت ڪئي ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته مون اربع جي شام پوليس کي هدايت ڪئي هئي ته توهان کي ڇڏي ڏئي پر توهان اسپتال ۾ علاج به ڪرايو ۽ کيس ٻڌايو ويو ته هو پنهنجي گهر لاءِ وڃي رهيو آهي. وڏي وزير ايم پي اي کي چيو ته واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *