ايم ڪيو ايم جو زخمي اڳواڻ رشيد گوڊيل اسپتال مان ڊسچارج

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ فائرنگ ۾ زخمي ٿيل رشيد گوڊيل صحتياب ٿي ويو آهي. کيس اسپتال کان گهر منتقل ڪيو ويو آهي. رشيد گوڊيل کي 18 آگسٽ تي بهادر آباد جي علائقي ۾ نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو. زخمي ٿيڻ کانپوءِ رشيد گوڊيل لياقت نيشنل اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. صحتيا/ب ٿيڻ کانپوءِ ڊاڪٽر پاران رشيد گوڊيل کي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي جنهن کانپوءِ کيس سخت سيڪيورٽي ۾ گهر منتقل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *