ايم ڪيو ايم جون استعيفائون: حڪومت ۽ متحده ڳالهين ۾ اڳڀرائي، اهم معاملن تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو) متحده قومي موومينٽ ۽ حڪومت وچ ۾ استعيفائن جي معاملي تي ڳالهين جو ٻيو درو جاري آهي، جڏهن ته ڌرين کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻڻ بعد مولانا فضل الرحمان علحيدگي اختيار ڪري ورتي آهي. اسلام آباد ۾ پنجاب هائوس تي ايم ڪيو ايم ۽ حڪومتي وفد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور جاري آهي. ڳالهين ۾ حڪومت پاران ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، بئريسٽر ظفر الله، پرويز رشيد ۽ اشتر اوصاف شامل آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم پاران فاروق ستار، ڪنور نويد جميل، بئريسٽر سيف ۽ ريحان هاشمي شريڪ آهن. ڳالهين دوران ايم ڪيو ايم ميمبرز جي استعيفائن جي واپسي تي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن. ذريعن موجب متحده وفد ڪراچي آپريشن ۽ گم ٿيل ڪارڪنن سميت ٻين خدشن کان حڪومتي وفد کي آگاهه ڪيو. هوڏانهن حڪومت ۽ متحده کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻڻ بعد مولانا فضل الرحمان ڳالهين کان علحيدگي اختيار ڪري ورتي آهي. فضل الرحمان جو چوڻ سندس ڪردار ٻنهي ڌرين کي ڳالهين جي ٽيبل تي آڻڻ هو، تعطل پيدا ٿيو ته هو ٻيهر ڪردار ادا ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *