ايم ڪيو ايم جا نه پر پ پ جا به سوين ڪارڪن ماريا ويا آهن: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت پهرين حڪومت آهي جنهن مشهور قاتلن ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ رڳو ايم ڪيو ايم جا نه پر پيپلز پارٽي جا سوين ڪارڪن به قتل ڪيا ويا آهن، اڄ ايم ڪيو ايم جي بائيڪاٽ کانپوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ تقريرڪندي سيد قائم علي شاهه چيو ته اسان ايم ڪيو ايم سان وڙهڻ نه پر دوستي وڌائڻ چاهيون ٿا پر اهي پاڻ اسان کان پري ٿيڻ چاهين ته پوءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي، هن چيو ته اسان جيڪي دهشتگرد گرفتار ڪيا آهن انهن کي چئلينج ڪيو ويندو ته اسين اهو ٻڌائي ڇڏينداسين ته انهن گرفتار ٿيل دهشتگردن جا نالا ڇا آهن ۽ انهن جو ڪهڙي پارٽي سان تعلق آهي وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ۾ 18 ۽ 19 گريڊ ۾ سڌيون ڀرتيون ڪيون ويون ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ جيڪي ماڻهو پڪڙيا ويا آهن انهن مان ڪيترائي ڪي ايم سي جا ملازم آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *