ايم ڪيو ايم جا سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن، يوم سوڳ جو سڏ واپس ورتو وڃي : شرجيل ميمڻ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري  صوبائي وزير شرجيل مميڻ جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم طرفان ڪارڪنن جي فوتگي جي حوالي سان ڪيل سمورا مطالبا مڃي ورتا آهن ان ڪري انهن کي اڄ يوم سوڳ جي ڏنل سڏ کي واپس وٺڻ گهرجي، وزيراعليٰ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته مان ۽ ٻيا حڪومتي ميمبر پوري رات ايم ڪيو ايم جي اوڳاڻن سان رابطي ۾ هئاسين جڏهن ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شآهه به مسئلي جي حل لاءِ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد سان مسلسل رابطي ۾ رهيو هن جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي مرڻ جي پزور مذمت ڪريون ٿا ۽ حڪومت ايم ڪيوايم طرفان معامل جي جاچ لاءِ جج کان انڪوائري ڪرائڻ ۽ پوليس آفيسرن کي معطل ڪرڻ جو مطالبو مڃي ورتو آهي ان ڪري ايم ڪيو ايم اڳواڻن کي درخواست آهي ته سڀاڻي اسڪول کلڻ جو پهريون ڏينهن آهي ان لاءِ پنهنجي يوم سوڳ وارو سڏ واپس ورتو وڃي، ايم ڪيو ايم طرفان 15 منٽن جي ڊيڊ لائن جو مطالبو درست ناهي اسان جمهوري ماڻهو آهيون ۽ ڳالهين ذريعي سمورا مطالبا حل ڪري سگهجن ٿا،  شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته جاچ ڪميٽي جي جيڪا به رپورٽ ايندي ان کي نظر ۾ رکندي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته ڪراچي آپريشن کان پهريان روزاني جي بنياد تي 20 کان 25 ماڻهو قتل ٿيندر هئا پر هاڻ حالتن ۾ ڪافي بهتر آئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *