ايم ڪيو ايم تي پابندي بابت راءِ وفاق پاران رابطو ڪرڻ کانپوءِ ڏني ويندي:نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙَي، سنڌ ۾ پرڏيهي فوج گهرائڻ واري الطاف حسين جَي بيان جِي مذمت ڪندَي چيو آهي ته پاڪستان ٺاهيندڙ سنڌ تي ڪو به وار برداشت نه ڪيو ويندو، ايم ڪيو ايم تي پابندي بابت راءِ وفاق پاران رابطو ڪرڻ کانپوءِ ڏني ويندي. سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندَي نثار کهڙَي چيو ته پرڏيهي فوج گهرائڻ وارو الطاف حسين جو بيان سنڌ جِي وحدانيت تي وار آهي، جنهن جِي مذمت ڪن ٿا. هـُن چيو ته سنڌ پاڪستان کي جنم ڏيندڙ صوبو آهي، جنهن جِي وحدانيت تي ڪو به وار برداشت نه ڪيو ويندو. صوبائي وزير چيو ته الطاف حسين سنڌ خلاف بيان ڏئي وري واپس وٺندو رهيو آهي پر هن ڀيري هن ملڪ، پاڪ فوج، سنڌ رينجرز توڙي ٻين سڪيورٽي ادارن کي نشانو بڻايو. نثار کهڙَي چيو ته سنڌ ۾ سموريون ٻوليون ڳالهائڻ وارا ماڻهو رهن ٿا، سڄي ملڪ ۾ هاڻ ڪو به مهاجر ناهي. صوبائي وزير پ پ هميشه سنڌ جي سالميت جو خيال رکيو آهي، جمهوريت جِي بقا لاءِ پ پ اڳواڻ ڪوڙا کاڌا. سندس چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀـُٽي ۽ بينظير ڀٽو کي قتل ڪيو ويو، پر ان باوجود پيپلز پارٽي پاڪستان کپي جو نعرو هنيو. هڪ سوال جَي جواب ۾ نثار کهڙَي چيو ته ايم ڪيو ايم تي پابندي لڳائڻ بابت راءِ وفاق پاران رابطو ڪرڻ بعد ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *