ايم ڪيو ايم باني لنڊن ۾ گرفتار، ڪراچي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي/لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين کي لنڊن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. ميٽرو پوليٽن پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب متحدا قومي موومنٽ سان سلهاڙيل هڪ شخص کي پاڪستان ۾ ڪيل تقريرن بابت ڪئي ويندڙ جاچ جي سلسلي ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 60 ورهين جي شخص کي اتر اولهه لنڊن ۾ سنگين ڏوهن واري ايڪٽ 2007ع جي قلم 44 تحت،  ڀڙڪائڻ يا ڏوهه ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي شڪ ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس پوليس اينڊ ڪرمنل ايويڊنس ايڪٽ تحت گرفتار ڪري ڏکڻ لنڊن جي پوليس اسٽيشن منتقل ڪيو ويو آهي، جتي کائنس پڇاڳاڇا ڪئي پئي وڃي. بيان ۾ چيو وي آهي ته جاچ جي سلسلي ۾ آفيسرن اتر اولهه لنڊن جي ايڊريس تي تلاشي ورتي ۽ جاچ ڪندڙن اوتر اولهه لنڊن ۾ هڪ الڳ ڪمرشل ايڊريس جي به تلاشي ورتي وئي. ميٽرو پوليٽن پوليس جي بيان موجب ميٽرو پوليٽن پوليس جي دهشتگردي ٽوڙ ڪمانڊ سان تعلق رکندڙ آفيسرن طرفان ڪئي ويندڙ جاچ جون نظرون ايم ڪيو ايم سان سلهاڙيل شخص طرفان آگسٽ 2016ع ۾ پاڪستان ۾ ڪيل تقرير تي کتل آهن جڏهن ته گڏوگڏ ڄاڻايل شخص جي ٻين تقريرن جو به جائزو ورتو پيو وڃي. ان سڄي جاچ دوران لنڊن پوليس جي آفيسرن پاڪستاني اختيارين سان رابطي ۾ رهيا ۽ جاچ جاري رکي جيڪا اڃا تائين جاري آهي. لنڊن ۾ متحدا قومي موومنٽ جي باني جي گرفتار ٿيڻ کان پوءِ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي سمورن علائقن ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪرڻ جي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. آءِ جي سنڌ ڊاڪٽر ڪليم امام ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ ايس ايس پيز  کي حڪم ڏيندي سمورن علائقن ۾ سيڪيورٽي انتظام فول پروف ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايڊيشنل آءِ جي جو چون آهي ته ايس ايس پيز ۽ ايس ايڇ اوز پنهنجن حدن ۾ پٽرولنگ تي نڪرن، هن قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جو امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *