ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت،نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم اڳواڻ عامر خان کي 7 ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. 11 مارچ تي ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو تي
هنيل ڇاپي دوران رينجرز پاران گرفتار عامر خان جو 90 ڏينهن جو رمانڊ ختم ٿيڻ بعد پوليس اختيارين کيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر 3 ۾ پيش ڪيو. پوليس عدالت کي درخواست ڪئي ته عامر خان نائين زيرو تي دهشتگردن کي پناهه ڏني هئي،تنهنڪري معاملي جي جاچ لاءِ سندس جسماني رمانڊ ۾ واڌ ڪئي وڃي. ٻڌڻي دوران ايم ڪيو ايم جي وڪيلن عدالت کي درخواست ڪئي ته رينجرز 90 ڏينهن لاءِ عامر خان کي حراست ۾ ورتو هو، مٿس ڪوبه الزام به ناهي ۽ نه ئي ڪنهن ڏوهه ثابت ٿيو آهي،تنهنڪري سندس وڌيڪ رمانڊ نه ڏنو وڃي. متحده جي وڪيلن چيو ته ڪرنل طاهر پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته عامر خان کي رڳو جاچ لاءِ گرفتار ڪيو ويو آهي. رينجرز جي وڪيل شبير ٻٻر عدالت کي ٻڌايو ته 90 ڏينهن دوران جوابدار کان ٻي ڪابه جاچ ناهي ڪئي ويندي، رڳو جي آءِ ٽي جوڙي ويندي آهي. وڪيل چيو ته جوابدر مٿان اليون ڊبل اي ۽ ايٽي اي تحت وڌيڪ جاچ ٿيڻي آهي،تنهنڪري پوليس کي سندس رمانڊ ڏنو وڃي . رينجرز جي وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته عامر خان تي گلبرگ ۽ عزيز آباد ۾ ٻه ڪيس داخل ٿيل آهن ۽ هن ڪيترائي اهم انڪشاف ڪيا آهن،جيڪي کليل عدالت ۾ نه ٿا ٻڌائي سگهجن. ان موقعي تي عدالت،عامر خان کان سوال ڪيو ته اوهان کي ڪٿان گرفتار ڪيو ويو هو؟، جنهن تي متحده اڳواڻ جواب ڏيندي چيو ته کيس خورشِيد بيگم هال مان گرفتار ڪيو ويو هو. ايم ڪيو ايم جي وڪيل محمد جيواڻي ان موقعي تي دليل ڏنا ته نائن زيرو تي ايم پي اي هاسٽل قائم آهي،خورشيد بيگم هال جو عامر خان مالڪ ناهي،جڏهن ته نائين زيرو الطاف حسين جو گهر آهي،اتي ڏوهارين کي پناهه ڪيئن ٿي ڏئي سگهجي ٿي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ پوليس جي درخواست منظور ڪندي عامر خان جو 7 ڏينهن جو رمانڊ ڏنو. ٻئي طرف رينجرز نائين زيرو تان گرفتار ڪيل ايم ڪيو ايم جي 38 ٻين ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو،جن ۾ اڳوڻو ايم پي اي يوسف منير شيخ به شامل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *