ايم ڪيو ايم اڳواڻن جي چڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ تقريرن تي پ پ اڳواڻ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيا آهن: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر/اين اين آءِ) سنڌ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جي چڙ ڏياريندڙ بيانن ۽ تقريرن تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻ صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪري رهيا اهن پنهنجي بيان ۾ شرجيل چيو ته اسان دليلن سان انهن ڪوڙن ۽ بي بنياد الزامن ۽ بيانن جو جواب ڏيئي سگهون ٿا پر پارٽي جي اعلي قيادت جي هدايت تي صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون هن چيو ته پيپلزپارٽي سياسي بلوغت ۽ باشعور هجڻ جو مظاهرو ڪري رهي آهي ۽ نٿي چاهي ته ماحول خراب ٿئي سنڌ ۾ رهندڙ سمورا رهواسي پاڻ ۾ ڀائپي سان رهن ٿا پيا شرجيل ميمڻ چيو ته سياسي مفاد حاصل ڪرڻ ۽ سستي سياسي شهرت لاءِ انهن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي سازش کي ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين. هن چيو ته لفظ مهاجر جيڪڏهن متحده کي ايترو پيارو آهي ته پوءِ ماضي ۾ آفاق احمد جي پارٽي ۾ جهنڊي تي لکيل لفظ مهاجر کي ساڙي ان جي تذليل ڇو ڪئي ويندي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *