ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمينٽ جي بي بي هئي جنهن کي 1983 ۾ تيار ڪيو ويو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ۽ پ پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو اهي ته ايم ڪيو ايم اسٽيبلشمينٽ جي بي بي هئي جنهن کي 1983 ۾ تيار ڪيو ويو بلاول جڏهن نڪرندو ته ان وٽ اختيار به هوندو سينيٽ کي فيڊريشن جي علامت سمجهان ٿو گارين ۽ الزامن جي سياست کان ٻاهر نڪرڻو پوندو هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته عام چونڊن کان اڳ بلاول ڀٽو کي ميدان ۾ لهڻو پوندو شهباز تاثير جي بازيابي تي سندس گهرڀاتين کي واڌايون ڏيان ٿو. ملڪ بچائڻ لاءِ سمورن سياستدانن کي گڏ ويهڻو پوندو اسٽيبلشمينٽ هجي پارليمينٽ هجي عدليه يا وري ميڊيا سڀني جو وجود پاڪستان سان مشورط آهي واري وٽي جو الزام لڳي ٿو واري وٽي ته پاڙيسري ملڪ ڀارت وٽ به هلي ٿي هن چيو ته حڪومت نيب کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان رابطو ڪيو ته ساٿ ڏيڻ جو سوچينداسين. هن وقت نيب کي ختم ڪيو ويو ته الزام لڳندو ته هي سياستدان هڪٻئي کي بچائي رهيا آهن ڪوئي قانون ۽ آئين قرآني آيتون نه آهن جنهن ۾ تبديلي نه ٿي سگهي نواز ليگ کي چيو هو ته اڪوئي اهڙو شفاف نظام ٺاهيو جنهن تي ڪنهن کي اعتراض نه هجي نيب کي 2008 ۾ ختم ڪري ڇڏيو پر اپوزيشن ساٿ نه ڏنو خورشيد شاهه چيو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ هڪ پچ تي آهن ايندڙ آرمي چيف کي به جنرل راحيل شريف جي جذبي تحت ڪم ڪرڻو پوندو هن وقت تائين پڇيل سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته منهنجو ناهي خيال ته آرمي چيف پنهنجي شخصيت جي خلاف فيصلو ڪندو ميڊيا ايترو ته شور ڪيو جو جنرل راحيل شريف کي مجبور ٿي واڌ نه وٺڻ جو اعلان ڪرڻو پيو رٽائرمينٽ بابت آرمي چيف جيڪو بهتر سمجهيو اهو فيصلو ڪيو هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ صرف 20 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي 80 سيڪڙو ڪم باقي آهي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ آرمي چيف جو ڪردار تاريخي آهي اپوزيشن ليڊر چيو ته صرف هڪ صوبي کي ٽارگيٽ ڪرڻ ملڪ جي خدمت نه آهي ٻيا صوبا رينجرز کي گهرائين ٿا پر سنڌ ۾ بنا پڇڻ جي اماڻي وڃي ٿي رينجرز پاران سنڌ ۾ ٿاڻن جو مطالبو وڏي ناانصافي آهي ايم ڪيو ايم تي را سان لاڳاپن جا الزام نئين ڳالهه نه آهي حڪومت کي گهرجي ته انهن الزامن جي اعليٰ سطحي تي جاچ ڪرائي جنهن پارٽي کي عوامي حمايت حاصل هجي ان کي ڪمزور ته ڪري سگهجي ٿو پر ختم نٿو ڪري سگهجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *