ايم ڪيو ايم اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪندي غير پارلياماني ٻولي استعمال ڪري رهي آهي: نثار کهڙو

مورو(رپورٽر) متحده اسيمبلي جو تقدس پائمال ڪندي اسيمبلي اندر غير پارليامني ٻولي استعمال ڪري رهي آهي اگر هنن کي ڪي خدشا آهن ته مهذب طريقي سان اعوان ۾ پيش ڪن، تعليم واري صوبائي وزير نثار احمد کهڙو صوبائي صلاحڪار ممتاز علي چانڊيو جي ڏنل مانجھاندي جي دعوت دوران چانڊيا هائوس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪمند جي آبادگارن سان نا انصافي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ مل جي مالڪن کي وارننگ ڏني آهي، جيڪڏهن مل مالڪن پنهنجو قبلو درست ه ڪيو ته سندن خلاف ڪاروائي ڪنداسين ۽ ڪجھ ٽانگي مان نڪتل گھوڙا ڪمند جي اشو تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن هنن کي سواءِ مايوسي جي ڪجھه به هٿ نه ايندو، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پ پ سنڌ جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنيادن تي نوڪريون ڏئي رهي آهي ۽ اڄ به ضلعي نوشهروفيرز جي نوجوانن کي ميرٽ جي بنياد تي 900 آرڊر ڏئي رهيا آهيون، هن چيو ته گوسڙو استادن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو ۽ جنهن به اسڪول ۾ استادن جو تعداد وڌيڪ آهي انهن اسڪولن مان استاد ڪڍي بند پيل اسڪولن ۾ مقرر ڪري سنڌ جو هر بند پيل اسڪول کولي پوءِ دم پٽينداسين ان موقعي تي ساڻس گڏ ڊائريڪٽر سکر زيب النساءَ منگي، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز آغا ناصر علي، مختيارڪار نوشهروفيروز اعجاز علي چانڊيو، ارشاد مشوري، محمد اعظم مستوئي، پ پ اڳواڻ فيروز احمد جمالي، محمد ٻڍل ملڪ، سهيل احمد عباسي، صحافي وحيد رزاق مستوئي، پروفيسر آصف علي مستوئي، ڊاڪٽر ڪاشف مستوئي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *