ايم ڪيو ايم اسيمبلين مان استعيفائن ڏيڻ جو فيصلو به پاڻ ڪيو ۽ واپس به پاڻ ئي ورتو : نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي تعليم ۽ اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسيمبلين مان استعيفائون ڏئي وڃڻ جو فيصلو به پاڻ ڪيو هو ۽ هنن اسيمبلين مان استعيفائون واپس وٺڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر اڃان تائين سنڌ اسيمبليءَ ۾ واپس اچڻ بابت باضابطه آگاهه نه ڪيو آهي ۽ ڏسڻو اهو آهي ته هو ڪڏهن ٿا استعيفي واپس وٺي اسيمبليءَ ۾ اچن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن مئٽرڪ بورڊ ڪراچيءَ ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته ڪاپي ڪلچر هڪ مائينڊ سيٽ آهي جنهن ڪلچر جو خاتمو چاهيون ٿا، ڪاپي ڪلچر واري مائينڊ سيٽ جي خاتمي لاءِ انتظاميا سان گڏجي والدين ۽ سول سوسائٽيءَ کي پڻ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪاپي ڪلچر سبب شاگرد دنيا سان مقابلو نه ڪري سگهندا، ان ڪري شاگردن کي پاڻ به ڪاپيءَ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو دنيا سان مقابلو ڪري سگهن. هن چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي انرولمينٽ وڌائڻ لاءِ شاگردن کي هڪ وقت جي ماني کارائڻ تي پڻ غور ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته مڪمل طور تي پڙهيل لکيل معاشرو هجڻ لاءِ مفت تعليم ڏيڻ سان گڏوگڏ شاگردن کي مفت ڪتاب ۽ شاگردياڻين کي وظيفو پڻ ڏنو پيو وڃي. ان موقعي تي هن مئٽرڪ بورڊ جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام پڻ ورهايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *