ايم پي اي ڪوثر پرويزن جوڻيجو جي استعيفيٰ منظور، تڪ تي ٻيهر چونڊ لاءِ شيڊيول جاري

خيرپور ناٿن شاهه (رپورٽر) پاڪستان اليڪشن ڪميشن پي ايس 76 تان چونڊيل ايم پي اي ڪوثر پروين جوڻيجو جي استعفيٰ منظور ڪندي نئين سِر ضمني چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڏيندي اليڪشن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ نامزدگي فارم 27 کان 28 آڪٽوبر تائين ورتا ويندا، 29 آڪٽوبر کان 30 آڪٽوبر تائين جانچ پڙتال ڪئي ويندي، 8 نومبر تي اپيلون داخل ڪيون وينديون، 10 نومبر تي اپيلن بابت فائنل فيصلو ٻڌايو ويندو، 11 نومبر تي اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد حتمي فيصلو ٻڌايو ويندو، جڏهن ته 29 نومبر 2014ع پولنگ جو ڏينهن هوندو، پاڪستان پيپلز پارٽي پي ايس 76 تي پ پ پ اڳواڻ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو کي ايم پي اي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، پاڪستان اليڪشن ڪميشن جي اهڙي فيصلي بعد پ پ پ اڳواڻ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجو جي حامين ۾ خوشي جي لهر ڇانيل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *