ايم پي اي شهناز انصاري جو قتل: جوابدارن جي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتاري جي هدايت يقيني بڻائڻ جي هدايت

نوشهروفيروز/مورو (رپورٽر/ن پ ا) پ پ چيئرمين، بلاول ڀٽو، وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين اڳواڻن ايم پي اي شهناز انصاريءَ جي قتل تي سندس پونيئرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو قتل ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن جي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتاري يقيني بڻائن جي هدايت ڪئي آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نوشهروفيروز پهتا، سندن آمد جي موقعي تي شهر ۾ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير پارٽي جي قتل ٿيل ايم پي اي شهناز انصاريءَ جي پونيئرن سان تعزيت ڪئي، اُن موقعي تي صوبائي وزير ۽ ٻيا پ پ اڳواڻ به موجود هئا، جِن مقتول ايم پي اي جي وارثن سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هوءَ پيپلز پارٽيءَ جو اثاثو هئي، سندس قتل تي پارٽيءَ جو هر ڪارڪن ڏکارو آهي.
محرابپور ۾ صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاج سبب پ پ چيئرمين ۽ وڏي وزير جي آمد جي موقعي تي صحافين کي پري رکيو ويو، ڪناتون ۽ ٻيون رڪاوٽون رکي مختلف روڊ بند ڪيا ويا. ٻئي پاسي ذريعن موجب بلاول ڀٽو ايم پي اي شهناز انصاري جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتاري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.
اُن کانپوءِ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏو وزير مراد علي شاهه موري پهتا، جتي هُنن ايم اين اي ذوالفقار بهڻ سان اڳوڻي ايم اين اي حاجي رحمت الله بهڻ جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي، صوبائي وزيرن ۽ پ پ اڳواڻ به تعزيت دوران موجود هئا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *