ايل او سي ڀارتي فوج جي فائرنگ، ۳ شهيد، جوابي ڪارروائي ۾ ۵ دشمن فوجي مارجي ويا

اسلام آباد (اين اين آءِ)راولپنڊي: لائن آف ڪنٽرول تي ڀارت جو جنگي جنون عروج تي پهچي ويو آهي، ڀارتي فوج پاران مختلف سيڪٽرز تي شهري آبادين کي نشانو بڻايو ويو، ڀارت جي ڪارروائي تي پاڪ فوج جي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪئي ته ڀارتي توپون خاموش ٿي ويون، جوابي ڪارروائي دوران ۵ ڀارتي فوجي مارجي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن، ان دوران ڪيتريون ئي ڀارتي چوڪيون پڻ تباهه ٿي ويون، آءِ ايس پي آر مطابق ڀارتي فوج لائن آف ڪنٽرول وٽ مختلف سيڪٽرز ۾ شهري آبادين تي بناجواز فائرنگ ڪري ڏني، مختلف سيڪٽرز تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ جوان ۽ ۲ شهري شهيد ۽ ۷ زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج جي ڀرپور ڪارروائي دوران ڀارتي فوج جي مورچن ۽ چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ۵ ڀارتي فوجي مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا آهن.  ٻئي طرف  پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري ايل او سي تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 ماڻهن جي شهادت تي سخت احتجاج ڪيو، اربع تي ڀارت پاران ايل او سي جي مسلسل خلاف ورزي تي پاڪستان ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سنگهه کي پرڏيهي آفيس طلب ڪيو ۽ لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج جي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن شهرين جي شهادت تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ان سلسلي ۾ ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط به ڏنو ويو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڀارت مسلسل ايل او سي تي فائرنگ ڪري سيز فائر معاهدي جي خلاف ورزي ڪري رهيو آهي اهو سلسلو بند ڪيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *