ايل او سي ميانمار ناهي، هي اها جڳهه آهي جتي ڀارت جا به پر سڙي ويندا آهن: ڀارتي فوج جو ليفٽيننٽ جنرل سبراتا سها مودي

نئين دلي (م.ڊ) مودي سرڪار جي سورمن جي پاڪستان کي ڌمڪين ڀارتي فوج لاءِ به قابل قبول ناهن ڇو ته ايل او سي ميانمار ناهي، هي اها جڳهه آهي جتي ڀارت جا به پر سڙي ويندا آهن. ڀارتي  فوج جي ليفٽينتٽ جنرل سبراتا سها مودي سرڪار کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڌمڪيون ڏيڻ کان اڳ ڀارت سوچي وٺي، اها ميانمار ناهي، لائين آف ڪنٽرول جو معاملو آهي مطلب ته خطري جي اها لڪير جيڪا پار ڪرڻ منع آهي.لائين آف ڪنٽرول جي ويجهو معاملا ڀارتي فوج ففٽين ڪارپس جي ليفٽيننٽ جنرل ڪمانڊر سبراتا چيو آهي ته ميانمار جيان ايل او سي پار ڪري پاڪستان ۾ ڪارروائي ناممڪن آهي. والاريل ڪشمير سان گڏيل لائين آف ڪنٽرول تي مقرر ڪمانڊر جو بيان منسٽر راج ورڌن سنگهه جي منهن تي چماٽ آهي جيڪو گذريل ڏينهن پاڪستان خلاف ڳالهائي رهيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *