
ڪوٽلي ( ويب ڊيسڪ ) لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي فوج بنا سبب فائرنگ ۽ گولاباري جي نتيجي ۾ عورت سميت 6 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن. ميڊيا جي رپورٽن موجب نڪيال سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 5 شهري شهيد ٿيا جن ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 3 ڀاتي پڻ شامل شامل آهن. رپورٽن موجب ڀارتي فوج کوئي رٽا ۾ به فائرنگ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ عورت شهيد ٿي وئي. عباس پور ۾ ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ هڪ شهري سخت زخمي ٿي پيو آهي.