ايف سي ۽ رينجرز جي پگهار ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان، قوم پاڪ فوج سان گڏ آھي: عمران خان

نوشڪي: (م.ڊ) وزيراعظم عمران خان رينجرز ۽ ايف سي جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سان گڏ ئي اهو به چيو آهي ته سي پيڪ جي ايندڙ مرحلي ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو بلوچستان کي ٿيندو.رپورٽ موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهندڙ فوجي جوانن سان ملاقات ڪرڻ نوشڪي پهتا. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ گهرو وزير شيخ رشيد به گڏ آهن. نوشڪي ۾ فوجي جوانن کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ وڙهندڙ جوان اڪيلا ناهن سموري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي. شهادت وڏو رتبو آهي ۽ اهو مسلمانن جي لاءِ وڏو اعزاز آهي. دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جيڪو مظاهرو ڪيو ان جي مثال نٿي ملي. ان موقعي تي هن رينجرز ۽ ايف سي جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو به اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جو دور آهي جنهن جي مون کي خبر آهي. سموري دنيا ۾ مهانگائي جو سيلاب آيل آهي. برطانيه ۾ به 40 سالن کان پوءِ مهانگائي بلد ترين سطح تي آهي. مون کي پورو احساس آهي ته اسان جو پگهاردار طبقو سڀني کان وڌيڪ مشڪلاتن ۾ آهي. مان يقين ڏياريان ٿو ته اسان اهڙا قدم کڻي رهيا آهيون جنهن سان آمدني ۾ اضافو ٿئي.وزيراعظم چيو ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي ان جا سمورين شين تي اثر پئجي رهيا آهن. جيئن جيئن حڪومت جي آمدني وڌندي پگهاردارن جون پگهارون وڌائينداسين. هن چيو ته ڪارپوريٽ سيڪٽر کي درخواست آهي ته هو به پنهنجن ملازمن جون پگهارون وڌائين. عمران خان چيو ته ڪنهن به جمهوري حڪومت ايترا فنڊ بلوچستان کي ناهن ڏنا. جيترا فنڊ اسان جي حڪومت ڏنا. چمن کان ڪراچي تائين هڪ هاءِ وي ٺاهي رهيا آهيون جيڪو سڀني کان وڏو منصوبو آهي ان منصوبي سان صوبي جي ماڻهن کي فائدو ٿيندو. هن منصوبي جي لاءِ اسان جيڪي پئسا رکيا آهن ان سان اسان جي ٽيڪس ڪليڪشن وڌي وئي آهي. اسان به جلد عوام کي وڌيڪ رليف ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته اسان بلوچستان جي لاءِ اهڙو ڪم ڪري وينداسين جو ٻيو ڪوبه ماڻهو حڪومت جي خلاف بيهي نه سگهي دهشتگردن ۽ دشمنن جي ڳالهه ڪوبه نه ٻڌندو. چيني صدر يقين ڏياريو آهي ته سي پيڪ جي ايندڙ فيز ۾ سڀني کان وڌيڪ فائدو بلوچستان جو ٿيندو. ٻيو فيز انڊسٽريلائزيشن آهي جنهن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون به شامل آهي.عمران خان وڌيڪ چيو ته اهو فيز ٽيڪنالاجي جو آهي ان سان گڏ ئي چين زراعت ۾ به اسان جي مدد ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن چين جي مدد سان اسان جي زراعت وڌي وئي ته اسان وڌيڪ ايڪسپورٽ جي قابل ٿي وينداسين ڇو ته اسان جي اڪثريت زراعت سان لاڳاپيل آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *