ايف سي آر ختم ٿي ويو پر متبادل قانون نه ڏنو ويو. 18هين ترميم سان هٿ چراند ٿي ته روڊ تي هونداسين: اسفند يارولي

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي چيو آهي ته ارڙهين ترميم ڪنهن به صورت ۾ ختم ٿيڻ نه ڏينداسين. پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسفند يار ولي چيو ته ايف سي آر ختم ٿي ويو پر متبادل قانون نه ڏنو ويو آهي، فاٽا ۾ قانون نه هئڻ سبب ماڻهو جيلن ۾ آهن. هن چيو ته چيو ويندو هو ته منهنجون ملائيشيا ۽ دبئي ۾ ملڪيتون آهن پر هاڻي سلائي مشينن سان دبئي ۾ ٺاهيل ملڪيت نڪري آئي آهي.سندس چوڻ هو ته حسن نواز چوندو هو ته ڏاڏي پئسا ڏنا، هو مني ٽريل به ڏئي رهيو هو، هاڻي عليما خان کان مني ٽريل ڇو نه ٿي ورتي وڃي. اسفند يار ولي چيو ته ڪپتان کي احتساب جو گهڻو شوق آهي، وزيراعظم چوندو هو ته پارليامينٽ ۾ سوالن جا جواب ڏيندو، عمران خان جڏهن کان وزيراعظم بڻيو ڪيترا ڪلاڪ ايون ۾ ويٺو آهي.  هن چيو ته صدارتي نظام جا اڄ به آواز اچي رهيا آهن، نئين پاڪستان کان اڳ پٽاٽي جو ڪهڙو اگهه هو، اڄ ڇا آهي، پٽاٽي جا اگهه ڏسو تبديلي نظر اچي ويندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *