ايف آءِ اي ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته ايف آءِ اي ايگزيڪٽ اسڪينڊل ۾ پنهنجيون ذميواريون پوريون ڪري رهي آهي، ڊسڪه واقعي تي افسوس آهي پر واقعي تي وڪيلن جو رد عمل مناسب نه هو، انصاف لاءِ لاقانونيت جو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته ايگزيڪٽ اسڪينڊل تي ايف آءِ اي پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ورڪنگ جنرلسٽ جو ان معاملي سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته ڊسڪه واقعي تي کيس افسوس آهي، قانون جي محافظن کي قانون هٿ ۾ نه کڻڻ گهرجي ها. پرويز رشيد چيو ته ڊسڪه واقعي بعد فوري طور تي قانون حرڪت ۾ آيو ۽ ملوث پوليس آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو پر واقعي کانپوءِ وڪيلن جو رد عمل مناسب نه هو. وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ لاقانونيت وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *