ايف آءِ اي اجازت کانسواءِ ڇاپا هڻي آفيسرن کي حراسان ڪري رهيو آهي: قائم علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪري وزيراعظم نواز شريف جو پيغام پهچايو آهي، قائم علي شاهه سنڌ ۾ نيب ۽ ايف آءِ اي جي ڪاررواين تي شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا، قائم علي شاهه چيو آهي ته ايف آءِ اي اجازت کانسواءِ ڇاپا هڻي آفيسرن کي حراسان ڪري رهيو آهي. وزير اعليٰ هائوس ڪراچي ۾ وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ وزير اعظم نواز شريف جي هدايتن تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ وڏي وزير طرفان سنڌ ۾ هلندڙ نيب ڪارروائين سياسي اڳواڻن جي گهرن تي رينجرز جي ڇاپن، ڊاڪٽر عاصم جي گرفتاري سميت صوبي ۾ امن امان جي صورتحال بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر قادر بلوچ کي آگاهه ڪيو.وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته ايف آءِ ۽ ٻيا وفاقي ادار بنا اجازت جي آفيسن تي ڇاپا هڻي آفيسرن کي حراسان ڪري رهيا آهن، جنهن سبب آفيسر بهتر نموني سان پنهنجون خدمتون سرانجام نه ڏئي رهيا آهن، جيڪو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي.ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته هو سمورن خدشن تي سنجيدگي سان غور ڪندا ۽ وزيراعظم کي به هو خدشن بابت آگاهه ڪندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *