ايفرو ٽي ٽوئنٽي جا اسپانسر فرار، سعيد اجمل ۽ ٻيا رانديگر يوگنڊا ۾ ڦاسي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز) انڊين ڪرڪيٽ ليگ ۽ ابوظهبي جي ماسٽرز ليگ کانپوءِ يوگنڊا ۾ ٿيندڙ ايفرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جو به تختو ڪلٽي ٿي پيو، اسپانسرز ٽورنامينٽ اڌ ۾ ڇڏي ڀڄي ويا جنهن سبب پاڪستان جا ڪيترائي رانديگر يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ ڦاسي پيا آهن. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پوري دنيا جي ليگز ۾ پنهنجن رانديگرن کي اين او سي جاري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ رانديگر بنا ڪنهن تصديق جي پرڏيهي ليگز  ۾ شرڪت جو معاهدو ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب انهن کي ڪيس جي دفاع ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.هاڻ يوگنڊا ۾ پاڪستاني رانديگر بي يارو مددگار پيل آهن ۽ انهن جو چوڻ آهي ته هو رلي ويا آهن، انهن وٽ پئسا به ختم ٿي چڪا آهن ۽ واپسي لاءِ ٽڪيٽ به ناهي. يوگنڊا  ۾ ايفرو ٽي ٽوئنٽي ليگ جي انتظامين اوچتو حيران ڪندڙ فيصلو ڪندي ليگ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ۽ رانديگر پريشاني جي حالت ۾ واپسي جا منتظر آهن.ٽورنامينٽ ۾ اڪثر پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستان جا هئا جڏهن ته ويسٽ انڊيز، ڀارت ۽ آمريڪا کان علاوه مقامي رانديگرن ۾ ليگ ۾ شرڪت ڪئي.پاڪستان جي رانديگرن کان علاوه پرڏيهي ڪرڪيٽر ٽئين درجي جا هئا جن جو تعداد 22 ٻڌايو پيو وڃي.متاثر پاڪستاني رانديگرن جو چوڻ آهي ته انهن سان جيڪو معاوضو طئه ٿيو هو ان ۾ هڪ روپئي جي به ادائيگي نه ٿي آهي.اڳوڻو ڪپتان عامر سهيل ڪمينٽيٽر جي حيثيت سان ڪمپالا ويو هو اهو رانديگرن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري رهيو آهي.پاڪستان جا جيڪي رانديگر يوگنڊا ۾ ڦاٿل آهن انهن ۾ اسٽار ڪرڪيٽر سعيد اجمل، ٽيسٽ ڪرڪيٽر عمران خان جونيئر، ياسر حميد ۽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽر مختار احمد به شامل آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *