ايشيا ڪپ ۾ آڄ روايتي مخالف ٽيمون پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇينديون

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز)تاريخ جي پهرين ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ ۾ سڀاڻي روايتي مخالف ٽيمون پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ٻئي جو پاڻي ڪڇينديون.ميرپور اسٽيڊيم ۾ ڀارتي سورما ۽ پاڪستاني شاهين عالمي ڪپ 2015ع کانپوءِ پهريون ڀيرو ٽڪرائينديون.ٻئي ٽيمون اڄ تائين 6 ڀيرا ٽي ٽوئنٽي ۾ مقابلو ڪري چڪيون آهن،جن ۾ ڀارت 4 ڀيرا ڪاميابي ماڻي ۽ پاڪستان هڪ رڳو هڪ ڀيرو فتح حاصل ڪري سگهي،جڏهن ته هڪ ميچ بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿي.پاڪستان جي اڳواڻي شاهد آفريدي ڪري رهيو آهي،جڏهن ته ڀارتي ٽيم جي ڪپتاني مهيندرا سنگهه ڌوني جي هٿ ۾ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *