ايشيا ڪپ ٽي -20 ٽورنامينٽ ۾ باقي 5 ڏينهن، تياريون عروج تي پهچي ويون

ڍاڪا (اسپورٽس نيوز) ايشيا ڪپ ٽي- 20 ٽورنامينٽ شروع ٿيڻ ۾ 5 ڏينهن باقي بچيا آهن، جنهن جون تياريون عروج تي آهن، ايونٽ ۾ شامل ٿيندڙ ٽيمن ۾ پاڪستان، بنگلاديش، سريلنڪا، ڀارت ۽ هڪ ڪواليفائر ٽيم هوندي، سڀئي ميچون شير بنگلا اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏيون وينديون، افغانستان، هانگ ڪانگ، اومان ۽ يو اي اي ڪواليفائنگ ٽورنامينٽ کيڏندا ۽ ان ٽورنامينٽ جي ٽاپ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي پهرين ميچ روايتي مخالف ڀارت خلاف کيڏندي، پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ ۾ 2 مارچ تي بنگلاديش، جڏهن ته 4 مارچ تي سريلنڪا خلاف ميچ کيڏندي، ايشيا ڪپ 24 فيبروري تي شروع ۽ 6 مارچ تي ختم ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *