ايشيا جي پرڪشش عورتن ۾ ماهرا خان عاليا ڀٽ کي پوئتي ڇڏي ڏنو

 

ڪراچي(شوبز نيوز)پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ايشياء جي دل ڪش ترين عورتون جي فهرست ۾ ڀارتي اداڪارا عاليه ڀٽ جي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. برطانوي ميگزين”ايسٽرن آئي“ طرفان ايشياء جي 50 پر ڪشش ۽ دل ڪشش ترين عورتون جي فهرست جاري ڪئي  آهي. ان فهرست ۾ ماهرا خان چوٿين نمبر  تي قبضو ڪيو آهي جڏهن ته عاليه ڀٽ پنهنجي جاءِ ڇهين نمبر تي ٺاهي ورتي آهي. ياد رهي ته گذريل سال عاليه ڀٽ چوٿين نمبر تي هئي ۽ ماهرا خان پنجين نمبر تي موجود هئي. ماهرا خان لاءِ هي سال ڪاميابين سان گڏ اختتام پذير ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ هن ڪو به ڊرامو يا فلم ناهي ڪئي، جيئن ته ٽي وي اشتهارن جي بدولت سبب سڀني جي نظر جو مرڪز رهي ۽ فلاحي ڪمن ۾ به پيش رهي. برطانوي ميگزين فلم ۽ ٽي وي مشهور اداڪار ماهرا خان کي مسلسل چوٿين سال پاڪستان جي دلڪش ترين عورت قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ميگزين سماجي مسئلا اجاگر ڪرڻ تي ٻين پاڪستان اداڪارائون کي جي به تعريف ڪئي آهي، هن فهرست ۾ پاڪستان کان صنم سعيد 19 نمبر تي، ارمينا خان 24 ، ميهوش حيات 40 نمبر ، جڏهن ته اقرا عزيز 46 نمبر تي موجود آهي، هي ميگزين هر سال ايشياء سان تعلق رکندڙ دلڪشش ماڻهن خاص طور تي شوبز اسٽارن جي فهرست شائع ڪندو آهي،  ايشياء جي 50 دلڪشش ترين عورتون جي فهرست ۾ اداڪارا دپيڪا پڊوڪون پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته گذريل سال پريانڪا پهرين نمبر تي هئي. هن سال پريانڪا چوپڙا کي ڀارٽي ٽي وي اداڪارا نيا شرما ٽئين ۽ عاليه ڀٽ ڇهين نمبر تي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *