ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ هڪ ارب 30 ڪروڙ ڊالرز جو قرض منظور ڪري ورتو آهي. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي پڌرائي موجب بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي اجلاس ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري ڏني وئي، هاڻي پاڪستان کي خصوصي بُنيادن تي قرض جي رقم فوري مهيا ڪئي ويندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته 2018ع جي وچ واري عرصي ۾ پيدا ٿيل مالي خرابين جي استحڪام لاءِ پاڪستان کي قرض جاري ڪيو پيو وڃي، پاليسي بيس قرض آءِ ايم ايف جي سربراهي ۾ ملٽي ڊونر ريفارم پروگرام جو حصو آهي، پاڪستان جي معيشت کي بحال ڪيو ويو آهي ۽ اُن کي هڪ ارب ڊالرز فنانسنگ جي ضرورت آهي، جڏهن ته 30 ڪروڙ ڊالرز توانائي جي شعبي ۾ گردشي قرض جي ادائگي لاءِ ڏنا ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *