ايشوريا راءِ کي واهگا بارڊر تي شوٽنگ جي اجازت ملي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان ۾ قيد رهندڙ ڀارتي جاسوس سربجيت سنگهه جي زندگيءَ تي ٺهندڙ فلم ۾ ڪم ڪرڻ واري بالي ووڊ اداڪارا ايشوريا راءِ بچن،رنديپ هوڊا ۽ ريچا چڊا واهگا بارڊ تي شوٽنگ ۾ حصو وٺندا.ڀارتي ميڊيا مطابق ٽئي اداڪارن کي ڪجهه ڏينهن پهرين پاڪ،ڀارت بارڊر تي شوٽنگ ڪرڻي هئي ۽ اجازت نه ملڻ سبب اداڪار پريشاني جو شڪار هئا،جڏهن ته اجازت نه ملڻ جي صورت ۾ فلم ڊائريڪٽر کي ممبئي ۾ واهگا بارڊر جهڙو سيٽ تيار ڪرڻو پئي پيو،جيڪو انتهائي مهانگو هو.پر هاڻي ٻنهي ملڪن جي اختيارين پاران اجازت ملڻ کانپوءِ فلم جي پوري ٽيم ۽ هدايت ڪار سُک جو ساهه کنيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *