ايشوريا راءِ کي فلمن مان ڪڍرائڻ تي شاھھ رخ خان پاران شرمندگيءَ جو اظهار

ممبئي (شوبز نيوز) اڳوڻي سونهن راڻي ۽ ناليواري اداڪارا ايشوريا راءِ انڪشاف ڪيو ته اداڪار شاهه رخ خان کيس پنجن فلمن مان ڪڍرايو آهي، جن ۾ سپر هٽ فلمون” چلتي چلتي“ ۽ ”وير زارا “ به شامل آهن. هڪ انٽرويو ۾ ايشوريا جو چوڻ هو ته انهن ڏينهن ۾ منهنجون شاهه رخ خان سان فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جون ڳالهيون هليون هيون پر اوچتو خبر پئي ته مونکي فلمن ۾ ڪاسٽ ناهي ڪيو ويو، مونکي اڄ تائين خبر ناهي پئي ته ائين ڇو ٿيو. ان کان پوءِ ڪنگ خان هڪ انٽرويو دوران پنهنجي ان فيصلي تي شرمندگيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪنهن ماڻهوءَ سان گڏ پروجيڪٽ جي شروعات ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ ان ماڻهوءَ کي تبديل ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي. اها وڏي ڏک جي ڳالهه آهي ڇو ته ايشوريا منهنجي سٺي دوست آهي. مونکي ذاتي طور تي ائين ٿو لڳي مون غلط ڪيو، پر پروڊيوسر طور اهو صحيح فيصلو هو، مان ايشوريا کان به معافي گهري هئي. ياد رهي ته شاهه رخ خان ۽ ايشوريا راءِ ”جوش، ديوداس ۽ محبتين“ جهڙن سپرهٽ فلمن ۾ به گڏ ڪم ڪيو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *