
ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا ايشوريا راءِ بچن فرانسيسي صدر فرانسسڪو هالينڊ سان ملاقات ڪئي،ملاقات ۾ آيل مهمانن کي مانجهاندو ڏنو ويو. بالي ووڊ اداڪارا فرانسيسي صدر سان ملاقات دوران ڪينز فلم فيسٽيول ۾ شامل ٿيڻ جي موقعي تي ٿيندڙ تجربن جي کيس ڄاڻ ڏني.ڀارتي ميڊيا مطابق ايشوريا راءِ بچن مانجهاندي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پهتي ته فرانسيسي صدر سندس دل جي گهرائين سان آجيان ڪئي.ان موقعي تي ايشوريا کي فلم انڊسٽري ۾ بهترين خدمتن جي مڃتا ۾ فرانس جي اعليٰ سول اعزاز“نائيٽ آف دي آرڊر آرٽس اينڊ ڪلچر” سان به نوازيو ويو.