ايشا گپتا مڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار ايشا گپتا مڱڻي جي خبرن جي ترديد ڪري ورتي آهي. ڀارتي خابرو اداري مطاب هن اها ترديد سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪئي. مڱڻي جي افواهن سبب ان جي طرفان ٽوئيٽر تي جاري هڪ تصوير هئي جنهن ۾ هن کي هڪ وڏي ڊائمنڊ رنگ پاتل هئي. هن افواهن کي وڌيڪ هٿي ان وقت ملي جڏهن ٽوئيٽر تي ان حوالي سان هڪ مداح جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ”هن پو چيو ۽ مان ها ڪري ڇڏي“ پنهنجي تازي بيان ۾ ايشا گپتا چيو ته مڱڻي ناهي ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *