ايس ٽي پي ايم ڪيو ايم تي پابندي ۽ سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي هنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته ايم ڪيو ايم روزانه سنڌ جي وحدت ۽ قومي بقا سان مزاق بند ڪري. سنڌ جي ماڻهن 1947ع کان هندستان کان آيل هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي برابر حق ڏنا ۽ سنڌ ۾ ضم ٿيڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن . ڪنهن به سنڌي کي مهاجر نالي کان نفرت نه آهي صدين کان آس پاس جي ملڪن مان آيل پناهگير، مهاجر بڻجيسنڌ ۾ پناه وٺندا رهيا آهن. سنڌ صدائين لٽيل ڦريل ماڻهن  جي لاءِ آٿٿ محبت ۽ پناه جو مرڪز رهي آهي سنڌ جي مستقل اردو آبادي کي خود ان مهاجر سڃاڻپ کان لا تعلقي ۽ بيزاري جو اعلان ڪرڻ گھرجي نه ته هڪ وطن ۾ رهڻ کانپوءِ ان پناه ڏيندڙ وطن کان لا تعلقي انهن ماڻهن جي بد بختي چئي ويندي. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو هڪ وڳوڙي ٽولو، افغانستان کان ٿيندو هندستان پهتو جتي نسلي ۽ مذهبي فسادن کان پوءِ سنڌ کي گذريل 25 سالن کان دهشت گرديءَ جي لپيٽ ۾ آڻي هر طرح جي سياسي بليڪ ميل ڪندو پيو اچي. ايس ٽي پي سمجھي ٿي مهاجر صوبي واري منصوبي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي ، ايم ڪيو ايم سان ٻٽ بڻيل آهي مادر وطن سنڌ کي وڪري جي جنس طور استعمال ڪندي رهندي آهي.  ڪڏهن دهشت گردن سان ٻٽا ڀاڪر ۽ ڪڏهن غير ذميوار ڇڙواڳ بيان. انهن جو حتمي نتيجو نسل پرست  دهشت گردن طرفان سنڌ جي بقا تي مسلسل حملا ۽ وار آهن. ان ڪري سياسي شبدي بازي کي سنڌ جي سياست مان نيڪالي ڏني وڃي. ايس ٽي پي ، ايم ڪيو ايم جي سياست تي بندش جو مطالبو ڪندي سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ جي گھر ڪري ٿي. سنڌ جي سموري آبادي بشمول مختلف ثقافتي اقليتون پنجابي پشتون ۽ اردو ڳالهيندڙ آبادين کي گڏجي هن نسلي رهزني ۽ دهشت گردي خلاف اسان جو ساٿ ڏين، ته جئين سنڌ جي بقا ۽ قوم جي بقا کي يقيني بنائي دهشت گردن جا ڏند کٽا ڪري سگھون ته ساهه جي اخري هڏڪي تائين وطن جي حفاظت ڪريون. هن چيو ته جيڪي سنڌي ايم ڪيو ايم ۾ ڪنهن سبب جي ڪري شامل ٿيا آهن اهي پاڻ کي ايم ڪيو ايم کان ڌار ڪن، ۽ پر امن اردو ڳالهائيندڙ عوام کي ايم ڪيو ايم کان بيزاري جو اعلان ڪرڻ گھرجي. هن چيو ته ايس ٽي پي وطن جي بقا لاءِ رت جي آخري ڦڙي تاءِ قرباني ڏيندي. اجلاس جي آخر  ۾ عزم ورجايو ويو ته سنڌي قوم حوصلا بلند رکي نسل پرست دهشت گردن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين آخري وقت تائين دهشت ۽ وحشت جو مقابلو ڪنداسين. اجلاس ۾ الطاف جسڪاڻي، حيدر ملاح، ڊاڪٽر سومار مڱريو، احمد نوناري، شبير مگسي، ڄام شوڪت ابڙو، صالح جوڻيجو، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، ڊاڪٽر حميد ميمڻ، نصرت حسين چنه، ڊاڪٽر نواز ڳاهوتي، گوتم چنا ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *