ايران ۾ مسافر جهاز ڪري تباهه، 66 ڄڻا اجل جو شڪار

تهران (اين اين آءِ) ايران جي خانگي هوائي ڪمپني آسمان جو مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ عملي جي ڇهه ماڻهن سميت سمورا 66 ڄڻا فوت ٿي ويا. مسافر جهاز تهران کان ڏکڻ اولهه شهر يسوج وڃي رهيو هو ته خراب موسم سبب حادثي واري هنڌ هيليڪاپٽر به پهچي نه سگهيو ۽ اصفهيان ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. مسافر جهاز آسمان ايئر لائين جو هو ۽ اهو خيال ڪيو پيو وڃي ته جهاز روسي قسم اي ٽي آر 500-72 جهاز آهي ايراني عملدارن آسمان ايئر لائين جي جهاز جي حادثي جو سبب ڳولڻ لاءِ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ايراني ميڊيا موجب آچر تي مسافر جهاز تهران کان ڏکڻ اولهه شهر ياسوج وڃي رهيو هو ته اوچتو ان جو رابطو ڪنٽرول روم سان ڪٽجي ويو ۽ اصفهيان صوبي جي جبلن سان ٽڪرائجي ڪري تباهه ٿي ويو جنهن ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ، 2 خدمت گذار، پائليٽ ۽ هڪ مددگار پائيليٽ سميت ٻيا 60 ڄڻا سوار هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *