ايراني وفد جي وڏي وزير سان ملاقات، ايران جي زراعت ۽ لائيواسٽاڪ شعبن جي تجربن مان فائدو کڻن جا خواهشند آهيون: مراد شاهه

ڪراچي (20 جون 2019) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ سان ايران جي 6 رڪني پارليمينٽري وفد اڄ وزيراعليٰ ھائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل واپار جي واڌ، پارليماني وفدن، تعليم ۽ واپاري وفدن جي مٽاسٽا ۽ ھڪ ٻئي جي تجربي ۽ مھارت خاص طور تي دوائن، زراعت ۽ لائيواسٽاڪ وارن شعبن ۾ فائدو وٺڻ سميت مختلف گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايران جي وفد جي اڳواڻي احمد امير عابدي فرھاني ڪري رھيو ھو، وفد جي ٻين ميمبرن ۾ محمد باسط درازھي، محمد رضا، سيد مرتضيٰ خاتمي، محمد حسيني، علي يوسفي، احمد محمدي شامل ھئا، جڏھن تھ وڏي وزير جو صلاحڪار مرتضيٰ وھاب، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو پڻ ملاقات ۾ شامل ھئا. وڏي وزير چيو تھ ايران زراعت ۽ لائيوا سٽاڪ جي شعبن ۾ نمايا ترقي ڪئي. ھن چيو تھ سنڌ ايران جي زراعت ۽ لائيواسٽاڪ جي شعبن جي تجربن ۽ مھارت مان فائدو حاصل ڪرڻ جو خواھشمند آھي. وڏي وزير چيو تھ مسلم دنيا کي گھرجي تھ اھي اتحاد پيدا ڪن تھ جيئن اسلام جي دشمنن خلاف گڏجي ويڙھھ ڪري سگھجي. ايران جي وفد ايران ۽ پاڪستان ۽ ٻين مسلم ملڪن وچ ۾ شين ۽ ڪرنسي جي مٽاسٽا ذريعي گڏيل واپار ڪرڻ تي زور ڀريو. ھن چيو تھ ان سان مقامي معيشت کي مستحڪم ۽ بھتر بڻائڻ ۾ مدد حاصل ٿيندي. ھن چيو تھ پاڪستان کي گھرجي تھ ايران-پاڪستان گيس پائپ لائن واري نامڪمل رٿا کي ٻيھر شروع ڪري. ملاقات ۾ آيل وفد وڏي وزيرکي مشھد جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا ھن قبول ڪندي چيو تھ ھُو جلد دورو ڪندو. وڏي وزير پارلياماني وفد کي اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپيءَ جا تحفا پيش ڪندي چيو تھ پارلياماني ودفد جي دوري سان ٻنھي ملڪن وچ ۾ گڏيل لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *